- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اين اي 171 جي ننڍي چونڊ ۾ پارٽي اميدوار ڪاميابي تي عوام جا ٿورا مڃيندي مخدوم طاهر رشيد الدين کي شاندار ڪاميابي تي مبارڪ ۽ تڪ جي عوام کي شاباشي ڏني.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته هو رحيم يار خان جي عوام جا ٿورائتا آهن جنهن پيپلزپارٽي جي قيادت تي اعتماد ڪيو، هي ڪاميابي پ پ جي ترقي پسند، شموليتي ۽ جمهوري پاڪستان جي ويزن تي عوام جي اعتماد جو اظهار آهي.
هن چيو ته مخدوم طاهر رشيد الدين جي ڪاميابي رڳو پارٽي جي سوڀ ناهي پر رحيم يار خان جي عوام جي فتح آهي، رحيم يار خان جي انهن ماڻهن جي ڪاميابي آهي، جنهن پسماندگي تي ترقي ۽ کوکلن واعدن تي حقيقي خدمت کي ترجيح ڏني.
پ پ چيئرمين چيو ته پيپلزپارٽي ووٽرن جي ڀلائي لاءِ ڪم جاري رکندي، هي مينڊيٽ ياد ڏياري ٿو ته ايمانداري، ديانتداري ۽ شفافيت سان عوام جي خدمت ڪرڻي آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي هڪ خوشحال ۽ متحد پاڪستان جي جدوجهد جاري رکندي، هو پنهنجي وطن کي هڪ اهڙو ملڪ بڻائيندا جتي هر شهري کي انصاف، موقعا ۽ وقار تائين پهچ حاصل هجي.- Advertisement -
