- Advertisement -
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ جهول آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪرڻ لاءِ آئين جي ٽن آرٽيڪلني معطل ڪرڻو پوندو.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته سپريم ڪورٽ جي ٻن ججن جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس نعيم اختر افغان پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ملڻ بابت اختلافي نوٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي، ڪهڙا سبب آهن جو اڃا باقي ججن طرفان لکت فيصلو جاري نه ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته سپريم ڪورٽ جا جج چئي رهيا آهن ته فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ آئين جي آرٽيڪل کي معطل ڪرڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته ڇا اها فلور ڪراسنگ هوندي ته سني اتحاد ڪائونسل جا ميمبر اٿي تحريڪ انصاف جي سيٽن تي ويهندا؟ ڇا اها آرٽيڪل 62 ۽ 63 جي ڀڃڪڙي نه هوندي.
عطا تارڙ چيو ته مستقبل ۾ به اهڙي فيصلي کي جواز بڻائي فلور ڪراسنگ ٿي سگهي ٿي ۽ ڪو به اسيمبلي ميمبر پارٽي تبديل ڪري سگهندو؟ٻن ججن جي اختلافي نوٽ اڪثريت جي فيصلي تي تمام گهڻو سواليه نشان لڳائي ڇڏيو آهي.
سندس چوڻ هو ته ججن پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ جيڪي آئيني ۽ قانوني نقطا اٿاريا آهن تن جو جواب ملڻ ضروري آهي.
عطا تارڙ چيو ته فيصلي تي عمل لاءِ آئين کي معطل ڪرڻ قانوني فريم ورڪ تي تمام گهڻو سواليه نشان آهي ٻئي صورت ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان هڪ طرفو رليف ملڻ سان آئين ۽ قانون کي ڌڪ لڳندو ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ وڏو نقصان هوندو ۽ فلور ڪراسنگ قانوني ٿي ويندي.- Advertisement -
