تازه ترين

مصر ۽ پاڪستان وچ ۾ سهڪار خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ اهم آهي: آرمي چيف

- Advertisement -
آرمي چيف فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير چيو آهي ته مصر ۽ پاڪستان وچ ۾ سهڪار خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ اهم آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته فيلڊ مارشل  عاصم منير مصر جو سرڪاري دور ڪيو، دوري جو مقصد مصر  سان دفاعي ۽ فوعي سهڪار کي هٿي ڏيڻ آهي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته دوري دوران جنرل عاصم مير مصر جي بچاءَ واري وزير جنرل عبدالماجد سقر سان ملاقات ڪئي. جنرل عاصم منير مصر جي چيف آف جنرل اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل احمد خليفه فتحي سان به مليو. ملاقاتن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سلامتي ۽ دفاعي سهڪار تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي ڳالهائيندي فيلڊ مارشل چيو ته مصر ۽ پاڪستان جو سهڪار خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ اهم آهي. آءِ ايس پي آر موجب مصر جي بچاءَ واري وزارت پهچڻ تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي گارڊ  آف آنر پڻ پيش ڪيو ويو. آرمي چيف نامعلوم سپاهي جي يادگار ۽ اڳوڻي صدر انور السادات جي قبر تي گلن نڇاور ڪيا. آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير جامعه الازهر جي شيخ اعظم الطيب سان پڻ ملاقات ڪئي، جنهن دوران مسلمان امت کي آڏو چئلينجن بابت خيال جي ڏي وٺي ڪئي….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.2 ° C
9.2 °
9.2 °
14 %
3.4kmh
0 %
اربع
19 °
خميس
19 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °
آچر
20 °

تازه ترين خبرون