تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

معدني وسيلن کي ملڪي ترقي لاءِ وڪرو ڪيو ويندو : مصدق ملڪ

- Advertisement -
ممڪلتي وزير مصدق چيو آهي ته معدني وسيلن کي ملڪي ترقي لاءِ وڪرو ڪيو ويندو، معدنيات لاءِ گوادر ۾ صنعتي زون قائم ڪيو ويندو، نوجوانن کي مايوس نه ٿيڻ گهرجي، ملڪ جو مستقبل روشن آهي، پاڪستان ۾ قدرتي وسيلن جي ڪابه کوٽ ناهي، ماڻهن کي روزگار جي فراهمي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصدق ملڪ چيو ته نوجوانن کي مايوس نه ٿيڻ گهرجي، ملڪ جو مستقبل روشن آهي، پاڪستان ۾ معدنياتي مٽيءَ جي قيمت 6 ڏهائي هڪ ٽريلين ڊالر آهي، پاڪستان ۾ قدرتي وسيلن جي ڪابه کوٽ ناهي. سندس چوڻ هو ته معدنيات جي مائننگ سان سڀ کان وڌيڪ فائدو غريب عوام کي ٿيندو، معدنيات جي انقلاب سان ملڪ ۾ روزگار جي بيشمار موقعا پيدا ٿيندا. مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو ته گوادر ۾ صنعتي زون قائم ڪيو ويندو، معدنياتي انقلاب سان ملڪي شيون ٻاهر اماڻڻ ۾ اضافو ٿيندو، معدنياتي انقلاب جا 3 مقصد آهن. هن چيو ته بلوچستان ۾ معدنيات بابت انڊسٽري لڳائي ويندي، ڪچي معدنيات مان ڌاتن کي ڪڍڻ جو ڪم شروع ڪيو ويندو، معدنيات جي کوٽائي بابت نئي قانون سازي ڪئي ويندي. مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو ته انساني ۽ ماحولياتي تحفظ لاءِ واضح رٿابندي ٿيندي، پرڏيهي سيڙپڪارن کي ملڪ ۾ ڀيلڪار چيو ويندو، سيڙپڪارن لاءِ ون ونڊو آپريشن عمل ۾ آندو ويندو، سڪيورٽي جا بهترين انتظام ڪيا ويندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
6 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
24.1 ° C
24.1 °
24.1 °
16 %
3kmh
0 %
اربع
25 °
خميس
26 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون