ملڪ جي عزت سڀ کان اڳ آهي، چيمپئنز ٽرافي پاڪستان ۾ ئي ٿيندي:محسن نقوي

spot_img
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي چيو آهي ته ملڪ جي عزت سڀ کان اڳ آهي، چيمپئنز ٽرافي پاڪستان ۾ ئي ٿيندي، ڀارت کي خدشا آهن ته ساڻن ڳالهيون ڪري. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته قذافي اسٽيڊيم جو ڪم تيزيءَ سان جاري آهي، ترقياتي ڪم مقرر وقت تي مڪمل ٿيندو، سمورا انڪلوزرس قائم رهندا. هن چيو ته     پاڪستان جي عزب سڀ کان اڳ آهي، باقي ٻيون شيون بعد ۾ آهن، چيمپئنز ٽرافي پاڪستان ۾ ئي ڪرائي ويندي، سندن رابطو رڳو آءِ سي سي سان آهي، سندن جواب جو انتظار رهندو،  ڀارت کي خدشا آهن ته ساڻن ڳالهائي هو سندن خدشا ختم ڪندا. پي سي بي چيئرمين چيو ته کيس بهتر جي اميد آهي، راند ۽ سياست ڌار ڌار شيون آهن، هو پنهنجي موقف تي قائم آهن ۽ رهندا، آءِ سي سي جلد چيمپئنز ٽرافي جي شيڊيول جو اعلان ڪندي، کين پنهنجو ڪم مڪمل ڪرڻو آهي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12.3 ° C
12.3 °
12.3 °
24%
1.2m/s
2%
اڱارو
14 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °

تازه ترين خبرون