- Advertisement -
مسلم ليگ نون جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچائڻ جي جنگ ۾ اسان جي مقبوليت گهٽ ٿي وئي، معاشي ۽ سماجي اعتبار سان 8 فيبروري جي اليڪشن اهم آهي، 8 فيبروي تي عوام ووٽ ذريعي پنهنجي تقدير جو فيصلو ڪندو.
لاهور ڊجيٽل ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي شهباز شريف چيو ته ، هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت 2018ع ۾ آر ٽي ايس کي خراب ڪري ڪٽ پتلي کي وزيراعظم بڻايو ويو.
هن چيو ته ماضي مان سبق سکي اڳتي وڌڻو پوندو، جن قومن ۾ شڪست نه مڃڻ جو عزم هجي ان کي ڪير به هارائي نٿو سگهي.
ن ليگ صدر چيو ته ، 2018ع کان اڳ پاڪستان تيزي سان ترقي جي رستي تي سفر طئي ڪري رهيو هو، فتني کي مڙهي ملڪ جي تباهي ڪئي وئي.
هن چيو ته احساس آهي ته ملڪ کي جنهن مقصد لاءِ ٺاهيو ويو اهو پورو ناهي ٿي سگهيو.
شهباز شريف چيو ته پاڪستان کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچائڻ واري جنگ ۾ اسان جي مقبوليت گهٽ ٿي وئي…………- Advertisement -
