تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ملڪ ۾ نون ڊيمن جي تعمير وقت جي اهم ضرورت آهي، لاڳاپيل ادارن ۽ صوبن کان تجويزون طلب ڪيون ويون آهن : احسن اقبال

- Advertisement -
رٿا بندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ملڪ ۾ نون ڊيمن جي تعمير وقت جي اهم ضرورت آهي، لاڳاپيل ادارن ۽ صوبن کان تجويزون طلب ڪيون ويون آهن. ڪراچي ۾ وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت ۾ نيشنل واٽر سڪيورٽي بابت جوڙيل ٽاسڪ فورس جو پهريون اجلاس ٿيو. وفاقي وزير احسن اقبال پاڻي جي پاليسين کي عملي منصوبن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ٽيڪنيڪل ورڪشاپ گهرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته ماحولياتي تبديلي سان گليشيئرز پگهرڻ ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ ٿي آهي، 1960ع کان هن وقت تائين گليشيئرز جي 23 سيڪڙو برف پگهري ضايع ٿي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته ماحولياتي تبديلي سبب پاڪستان کي پاڻي جي سخت ۽ ڊگهي بحران کي منهن ڏيڻ جو خدشو آهي. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي معطلي خطي جي امن ۽ پاڪستان جي آبي حقن لاءِ وڏو خطرو آهي. احسن اقبال جو چوڻ هو ته ڀارت جي آبي جارحيت جو مقصد پاڪستان کي پاڻي بحران ۾ مبتلا ڪرڻ آهي. هن جو چوڻ هو ته درياهن جي وهڪري ۾ وڌندڙ غيريقيني صورتحال پاڪستان جي لاءِ وڏو خطرو آهي، پاڻي جو تحفظ ئي فوڊ سڪيورٽي ۽ معاشي استحڪام جي ضمانت آهي. سندس چوڻ هو ته وفاق ۽ صوبن وچ ۾ نيشنل واٽر پاليسي تي رضامندي کي هر صورت ۾ مضبوط بڻايو وڃي. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته واٽر سڪيورٽي رڳو هڪ شعبو نه بلڪ ملڪي بقا ۽ خودمختياري جو بنياد آهي. احسن اقبال جو چوڻ هو ته ٽاسڪ فورس کي رڳو مسئلن جي نشاندهي نه ڪرڻ گهرجي بلڪ فوري حل به پيش ڪرڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
13 ° C
13 °
13 °
14 %
3.2kmh
86 %
جمعو
21 °
ڇنڇر
21 °
آچر
21 °
سُومر
21 °
اڱارو
15 °

تازه ترين خبرون