جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان، خيبرپختونخوا ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي.
ڊيرا اسماعلي خان ۾ قبائلي صلاحڪارن کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته جرڳي ۾ سمورن قبيلن جا ماڻهو شامل ٿين، کيس چيو ويو ته هو حڪومت سميت جنهن سان ڳالهيون ڪرڻيون پيون ته ڪندو.
هن چيو ته صوبي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ رمضان جي ڀلاري مهيني کان اڳ ٻيو جرڳو گهرايو وڃي، سمورن فرقن جو گڏيل فيصلو آهي ته هٿيارن وارو رستو اختيار نه ڪرڻ گهرجي.
مولانا فضل الرحمان چيو ته سمورين پارٽين کان مٿانهون ٿي قبائلي مشيرن کي گهرائي جرڳو گهرايو ويندو، حڪومت صلاحڪارن ۽ ماڻهن کي پڇي ته اهي ڇا ٿا چاهن.
جي يو آءِ سربراهه چيو ته هو سياسي پارٽي ۽ سياسي ماڻهو آهن، کين عوام وٽ وڃڻو پوندو آهي پر مٿن پابنديون لڳي وينديون آهن.
مولانا فضل الرحمان چيو ته هو پاڻ کي قبيلن جو حصو سمجهي ٿو ڇاڪاڻ ته جڏهن ته قبائلين جو مسئلو ايندو آهي ته هو ان کي مقامي چڱن مڙسن سان گڏجي سهڻي نموني حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
جي يو آءِ سربراهه چيو ته هنن سدائين قبائلين جي حل لاءِ آواز اٿاريو آهي
مولانا فضل الرحمان، خيبرپختونخوا ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ڪري ڇڏي
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12.3
°
C
12.3
°
12.3
°
24%
1.2m/s
2%
اڱارو
14
°
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°


