- Advertisement -
نئين قومي اسيمبلي جو افتتاحي اجلاس اڄ ٿيندو جنهن ۾ نوان چونڊيل ميمبر قسم کڻندا.
16 هين قومي اسيمبلي جي افتتاحي اجلاس صبح ڏهين وڳي شروع ٿيندو، اسپيڪر راجا پرويز اشرف نون ميمبرن کي قسم کڻائيندو.
قسم کڻڻ کانپوءِ سمورا ميمبر رجسٽر تي صحيح ڪندا.
قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي اليڪشن جو شيڊيول به جاري ڪري ڇڏيو آهي.
اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جا اميدوار نامزدگي ڪاغذ ڏينهن ٻارهين وڳي کان اڳ جمع ڪرائيندا جڏهن ته اليڪشن پهري مارچ جمعي تي ٿيندي.
حڪمران اتحاد اسپيڪر قومي اسيمبلي لاءِ ن ليگ جي اياز صادق ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ پيپلزپارٽي جي غلام مصطفى شاهه کي نامزد ڪيو آهي.
واضع رهي ته اليڪشن 2024 کانپوءِ نئين قانونساز اسيمبلي جي جوڙجڪ لاءِ قدر مملڪت قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ طلب ڪيو آهي.- Advertisement -
