- Advertisement -
سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين درجي جا امتحان 7 اپريل کان شروع ٿيڻ بابت سنڌ ٽي وي نيوز انويسٽيگيشن سيل جي خبر درست ثابت ٿي.
نائين ۽ ڏهين درجي جا امتحان 7 اپريل کان وٺڻ جي تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ منظوري ڏني وئي.
اجلاس ۾ ڪيل فيصلن موجب سنڌ بورڊ اسڪولن جو نئون تعليمي سيشن ست اپريل 2025 کان شروع ٿيندو.
اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن موجب نائين ۽ ڏهين درجي جا ساليانا امتحان ست اپريل کان 25 اپريل 2025 تائين ٿيندا.
فيصلن موجب نائين ۽ ڏهين جا پريڪٽيڪل امتحان 10 مارچ 2025 کان لاڳاپيل اسڪولن ۾ ٿيوري امتحانن کان اڳ ٿيندا.
اجلاس ۾ ڪيل فيصلن موجب11هين ۽ 12هين درجي جا ساليانا امتحان 28 اپريل 2025 کان ٿيندا ۽ پريڪٽيڪل امتحان ٿيوري امتحانن کانپوءِ ٿيندا…….- Advertisement -
