تازه ترين

ننگرپارڪر ۾ سجاڳ فورم پاران ڪارونجهر جي تحفظ لاءِ ستين ڏينهن به بک هڙتال جاري

- Advertisement -
ننگرپارڪر ۾ سجاڳ فورم پاران ڪارونجهر جي تحفظ لاءِ ستين ڏينهن به بک هڙتال جاري رکي وئي. احتجاجي ڪيمپ ۾ صمند خان کوسي، ڀيرو لال، سڪندر کوسي، نياز محمد ۽ ڀڳت ڪستورو ڪولھي سميت سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. الهرکيو کوسي، مصطفيٰ دل ۽ ٻين الزام هنيو ته حڪومت ڪارونجهر جهڙي قومي ورثي بابت خاموشي اختيار ڪري غير ذميواريءَ جو مظاهرو ڪري رهي آهي. هنن چيو ته ڪارونجهر جي ڪٽائي رڳو پٿرن جو نقصان نه پر اهو تاريخ، ماحول ، روزگار ۽ جهنگلي جيوت ۽ تاريخي ورثي تي حملو آهي، جنهن کي سنڌ جو شعور ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندو. اڳواڻن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن حڪومت موقف تان نه ٿي هٽي ته احتجاجي تحريڪ جو دائرو وڌايو ويندو .
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
4.2 ° C
4.2 °
4.2 °
14 %
2.3kmh
41 %
خميس
16 °
جمعو
17 °
ڇنڇر
16 °
آچر
17 °
سُومر
14 °

تازه ترين خبرون