تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ، ٽيڪس جي بي ترتيب نظام کي بجلي جي بلن ۾ اضافي جو سبب قرار ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ، ٽيڪس جي بي ترتيب نظام کي بجلي جي بلن ۾ اضافي جو سبب قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته بجلي جي بلن ۾ اضافو ٽيڪس جي بي ترتيب نظام هن مسئلي جي نشاندهي ڪري رهيو آهي ۽ ڪنهن ٽيڪس جي بي ترتيب نظام طرفان ڌيان ئي نه ڏنو، نگران ڪابينا ۾ بهتر ماڻهو جي چونڊ ڪئي وئي آهي، ملڪن تي ڏکيون حالتون اينديون رهنديون آهن، 1970ع ۾ اسرائيل ۾ ناڻي جي واڌ هڪ هزار سيڪڙو وڌي هئي.

اسلام آباد ۾ سينيئر صحافين ۽ اينڪرز سان ملاقات ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل بابت سوالن جا جواب ڏيندي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته ماڻهن جو ملڪ کان ٻاهر وڃڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي، ملڪ جو سوشل اسٽرڪچر تباهه ٿيڻ جو ڪو سبب نظر نه اچي رهيو آهي.

سندس چوڻ هو ته معيشيت جا مسئلا هر ملڪ ۾ هوندا آهن، هو معاشي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، نگران وفاقي ڪابينا ۾ باصلاحيت ماڻهو موجود آهن.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته حڪومت معيشيت جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، دنيا معدني ذريعن سان پنهنجي معيشيت کي مضبوط ڪيو، معدني شعبي ۾ 5 کان 6 ٽريلين ڊالر جي صلاحيت موجود آهي.

هن چيو ته زراعت جي شعبي جي ترقي لاءِ جديد طريقي سان ڪم ٿي رهيو آهي، دفاعي پيداوار جي شعبي جي صلاحيت کي به وڌائي رهيا آهن، گڏجي پختي عزم سان ملڪي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته بجلي جي بلن ۾ اضافو ٽيڪس جي بي ترتيب نظام هن مسئلي جي نشاندهي ڪري رهيو آهي ۽ ڪنهن ٽيڪس جي بي ترتيب نظام طرفان ڌيان ئي نه ڏنو، ٽيڪس اوڳاڙي جي نظام ۾ ترتيب آڻڻ جي ضرورت آهي، ايس آءِ ايف سي تحت 60 کان 70 بلين ڊالرز جي سيڙپڪاري جي اميد آهي، خصوصي سيڙپڪار سهولت ڪائونسل ذريعي سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻي آهي، سيڙپڪاري لاءِ اهم ترجيحي شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي…….

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
20.1 ° C
20.1 °
20.1 °
45 %
1.2kmh
21 %
ڇنڇر
29 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
30 °
اربع
28 °

تازه ترين خبرون