تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

نگران وزيراعظم جي نالي تي صلاح مشورا

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

وزيراعظم شهباز شريف، نگران وزيراعظم جي نالي تي صلاح مشورا جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

حڪومتي ذريعن موجب، ننڍين سياسي پارٽين به نگران وزيراعظم لاءِ نالا وزيراعظم شهباز شريف حوالي ڪري ڇڏيا.

حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران وزيراعظم واري معاملي تي مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض ۽ وزيراعظم شهباز شريف ۾ اڄ يا سڀاڻي ملاقات جو امڪان آهي.

حڪومتي ذريعن موجب، راجا رياض، وزيراعظم شهباز شريف کي نالن بعد پنهنجا نالا ڏيندو.

نگران وزيراعظم لاءِ شاهد خاقان عباسي، حفيظ شيخ، عشرت العباد ۽ اسلم ڀوتاڻي جا نالا سامهون آيا هئا جڏهن ته اتحادين قطعي فيصلي جو اختيار وزيراعظم کي ڏنو هو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف قطعي فيصلي جو اختيار هئڻ باوجود صلاح مشورن سان نالو فائنل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

شهباز شريف ان حوالي سان نواز شريف سان مسلسل رابطي ۾ آهي.

حڪومتي ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان به ملاقات ڪندو.

حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻن ڏينهن اندر نگران وزيراعظم جو نالو سامهون اچي ويندو

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
17.7 ° C
17.7 °
17.7 °
51 %
1.4kmh
100 %
آچر
23 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون