تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

هزارين معصوم ٻارڙن کي مارڻ ۽ معذور ڪرڻ سان امن قائم نه ٿيندو: پي ٽي آءِ چيئرمين جي اڳوڻي گهرواري جمائما

- Advertisement -
پي ٽي آءِ چيئرمين جي اڳوڻي گهرواري جمائما گولڊ سمٿ چيو آهي ته هزارين معصوم ٻارڙن کي مارڻ ۽ معذور ڪرڻ سان امن قائم نه ٿيندو. پي ٽي آءِ چيئرمين جي اڳوڻي گهرواري جمائما گولڊ سمٿ پنهنجي ماضي جا ڪجهه تجربا شيئر ڪندي غزه ۾ اسرائيلي بمباري جي حوالي سان ڳلهه ٻولهه ڪئي . سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ جمائما گولڊ چيو ته هو سمجهي ٿي ته ٽوئيٽر تي بحث ۾ الجهڻ فائديمند نه آهي، يهودي ۽ مسلمان ٻنهي مذهبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو سندس خاندان جو حصو آهن ۽ سندس دوستن ۾ شامل آهن ۽ هوءَ انهن سان گهڻو پيار ڪري ٿي. هن چيو ته  هوءَ 10سال هڪ مسلم ملڪ پاڪستان ۾ رهي آهي، هوءَ غزه ۽ اولهه ڪناري به وڃي چڪي آهي ۽ سندس اسرائيل سان به تاريخي خانداني تعلق آهي. جمائما گولڊ سمٿ چيو ته کيس يهودي هجڻ سبب قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ملي چڪيون آهن، کيس ڪيترائي سالن تائين يهودي مخالف نظرين جو منهن ڏسڻو پيو. هن چيو ته  سندس ٻارن جي پيءُ (پي ٽي آءِ چيئرمين) کي گولي هنئي وئي، حملو ڪندڙن چيو ته يهودين سان جي ويجهڙائپ جي ڪري حملو ڪيو، سندس ٻارن کي برطانيا ۾ اسلام فوبيا ۽ پاڪستان ۾ کيس يهودي مخالف نظرين جو منهن ڏسڻو پيو. جمائما گولڊ سمٿ وڌيڪ چيو ته شايد انهن تجربن جي ڪري هوءَ سمجهي ٿي ته سياست جي بنياد تي گروهه بندي امن جي دشمن آهي، اهو ئي سبب آهي جو هوءَ اسرائيلن جي بهادري ۽ ديانتداري کان متاثر آهي جنهن گذريل ڪجهه سالن ۾ پنهنجي عزيزن کي وڃائڻ باوجود غزه تي جاري بمباري خلاف بيان ڏنا آهن. جمائما گولڊ سمٿ چيو ته سندس دعا آهي ته انهن جو آواز ٻڌو وڃي، وڌيڪ هزارين معصوم ٻارڙن کي مارڻ ۽ معذور ڪرڻ سان يرغمالين کي نه ٿو بچائي سگهجي ۽ نه ئي ان سان امن قائم ٿيندو، نه ئي نائن اليون کانپوءِ عراق ۽ افغانستان جي جنگين جيان امڪاني طور تي سندن لاءِ وڌيڪ دهشتگردي ۽ گهٽ محفوظ دنيا ئي پيدا ٿيندي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
15.4 ° C
15.4 °
15.4 °
36 %
3.1kmh
100 %
خميس
22 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
22 °
آچر
21 °
سُومر
19 °

تازه ترين خبرون