- Advertisement -
روسي صدر ولاديمير پيوٽن واضع لفظن ۾ چيو آهي ته هو جنگ نٿا چاهين پر جيڪڏهن يورپ جنگ ڪرڻ چاهي ٿو ته پوءِ روس به تيار آهي.
امريڪا جي خاص ايلچي اسٽيووٽڪوف ۽ صدر ٽرمپ جي ناٺي جيراڊ ڪشنر سان ماسڪو ۾ ملاقات کان اڳ پيوٽن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ان جو يورپ سان جنگ ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي پرجيڪڏهن يورپ روس سان جنگ چاهي ٿو ته هو به تيار آهن.
پيوٽن دعوى ڪئي ته يورپ يوڪرين امن ڳالهيون تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، يورپ يوڪرين جنگ بندي بابت امريڪي صدر جي امن منصوبي تي عملدرآمد ٿيندي نٿو ڏسڻ چاهي.
پيوٽن چيو ته يورپي اڳواڻ ماضي ۾ به ڳالهين کان ڌار رهيا ۽ هاڻي به امڪاني معاهدي کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن……….
- Advertisement -
