- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي ويو آهي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، چيف سيڪريٽري، آءِ جي پوليس ۽ ٻين وزيراعظم شهباز شريف جو آڌرڀاءُ ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي دوري دوران ڪينٽ اسٽيشن جي اپ گريڊيشن منصوبي جو جائزو وٺندو.
ريلوي وارو وزير حنيف عباسي وزيراعظم کي ريلوي ڪينٽ اسٽيشن تي جديد سهولتن بابت آگاهي ڏيندو.
ريلوي اختيارين ڪينٽ اسٽيشن جي مرمت واري منصوبي جي حوالي سان انتظامن کي قطعي شڪل ڏئي ڇڏي آهي.
- Advertisement -
