تازه ترين

وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان آسان خدمت مرڪز جو افتتاح ڪري ڇڏي

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان آسان خدمت مرڪز جو افتتاح ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته آسان خدمت مرڪز عوام کي سهولتن جي فراهمي لاءِ شاندار قدم آهي، عملي جي خوش اخلاقي، احترام ۽ خدمت جون اعليٰ خاصيتون شهرين لاءِ هڪ هاڪاري تجربو ثابت ٿينديون. وزيراعظم آذربائيجان جي ڀائيواري سان قائم پاڪستان آسان خدمت سينٽر ۾ سهولتن جو جائزو ورتو. خدمت سينٽر ۾ نادرا، پوليس، سي ٽي ڊي، ڊپٽي ڪمشنر آفيس ايف بي آر، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ سوئي نادرن سميت 8 کان وڌيڪ عوامي خدمتون هئي ڇت هيٺيان موجود آهن. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته ايف پي آر ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا هن مرڪز ۾ خدمتون فراهم ڪندا، جنهن سان عوام جي سهولتن ۾ اضافو ٿيندو. سندس چوڻ هو ته هن مرڪز جي خدمتن مان ايندڙ ڀائر، ڀينرون ۽ نوجوان نه رڳو فائدو حاصل ڪندا پر اسٽاف جي محنت ۽ مسڪرائيندڙ چهرن جي ساراهه به ڪندا. وزيراعظم چيو ته عوام جي خدمت لاءِ هر وقت تياري کانسواءِ ڪاميابي ممڪن ناهي، دعا آهي ته الله تعاليٰ هن مرڪز کي عوام جي خدمت ۾ ڪامياب بڻائي ۽ ان جي وڌيڪ توسيع جا منصوبا جلد شروع ٿين. شهباز شريف چيو ته آسان خدمت مرڪز عوام کي سهولتن جي فراهمي لاءِ شاندار قدم آهي، عملي جي خوش اخلاقي، احترام ۽ خدمت جون اعليٰ خاصيتون شهرين لاءِ هڪ هاڪاري تجربو ثابت ٿينديون……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.2 ° C
8.2 °
8.2 °
29 %
2kmh
6 %
آچر
9 °
سُومر
12 °
اڱارو
12 °
اربع
11 °
خميس
10 °

تازه ترين خبرون