تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

وزيراعظم شهباز شريف ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ ۽ آپريشن بـُنيان المرصوص جي ڪاميابي تي اڄ سڄي ملڪ ۾ شڪراني جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ ۽ آپريشن بـُنيان المرصوص جي ڪاميابي تي اڄ سڄي ملڪ ۾ شڪراني جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هي ڏينهن رب العزت جي آڏو شڪر جو سجدو ڪرڻ، پاڪ فوج جي بي مثال قرباني کي خراج تحسين پيش ڪرڻ ۽ سموري قوم جي حوصلي ۽ وحدت کي ساراهڻ لاءِ ملهايو ويندو. هن چيو ته بـُنيان المرصوص دشمن جي اڳرائي کي ڀرپور جواب ڏنو ۽ پاڪستان هر محاذ تي ڪاميابي حاصل ڪئي، اسان رب پاڪ جا شڪر گذار آهيون جنهن سرخرو فرمايو. وزيراعظم چيو ته دشمن جي اڳرائي باوجود پاڪستان صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪيو ۽ مڪمل تياري سان پنهنجي دفاع يقيني بڻايو. شهباز شريف چيو ته سموري قوم خاص طور تي عالم سڳورا اڄ سڄي ملڪ ۾ اجتماعي دعائن جو اهتمام ڪن، الله تعالى جو شڪر ادا ڪيو ۽ شهيدن ۽ غازين لاءِ خاص دعائون ڪيون. وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج جي قربانين کي ڪڏهن به فراموش نٿو ڪري سگهجي، سموري قوم فوج سان گڏ بيٺل آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
13 ° C
13 °
13 °
44 %
3.5kmh
70 %
خميس
22 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
22 °
آچر
21 °
سُومر
22 °

تازه ترين خبرون