- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وچ ۾ اڄوڪي رٿيل ملاقات ملتوي ٿي وئي آهي.
ذريعن موجب، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مصروفيتن سبب اسلام آباد جو پروگرام ملتوي ڪري ڇڏيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران اسلام آباد جو پروگرام رد ڪرڻ سبب وزيراعظم شهباز شريف سان اڄوڪي رٿيل ملاقات ملتوي ٿي وئي.
ذريعن موجب، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هڪ ٻن ڏينهن ۾ اسلام آباد پهچڻ تي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات جو امڪان آهي.
ياد رهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي وزيراعظم شهباز شريف سان اڄ اسلام آباد ۾ اهم ملاقات طئي هئي.
ملاقات دوران حڪومت جا انتظامي معاملا بحث هيٺ اچڻا هئا ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان حڪومت سان معاهدن تي پارٽي خدشا وزيراعظم شهباز شريف اڳيان رکڻا هئا.- Advertisement -
