وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته هو پنهنجي پياري ڀاءُ شهزاده محمد بن سلمان، ولي عهد ۽ سعودي عرب جي وزيراعظم طرفان رياض جي سرڪاري دوري تي دل کي ڇهندڙ آڌرڀاءُ سان تمام گهڻو ٿيو آهي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته رائل سعودي ايئر فورس جي جيٽ جهازن طرفان سندس جهاز کي فراهم ڪيل بي مثال پروٽوڪول ۽ سعودي فوج جي دستي جي گارڊز جو شاندار استقبال پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ محبت ۽ گڏيل احترام جو اظهار آهي.
سندس چوڻ هو ته سعودي ولي عهد سان سندس اهم ترين ڳالهين ۾ علاقائي چئلينجن جو جائزو ورتو ويو ۽ ٻه طرفي سهڪار کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
وزيراعظم چيو ته سعودي ولي عهد جي قيادت ۽ ويزن تعريف جوڳو آهي.
شهباز شريف چيو ته هو ٻه طرفي محاذ تي مسلسل حمايت ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سعودي سيڙپڪاري، واپار ۽ ڪاروباري لاڳاپن کي وڌائڻ ۾ ولي عهد جي دلچسپي جو قدر ڪن ٿا.
هن ڇيو ته سندس دعا آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي دوستي وڌندي ۽ عظمت جي نئين بلندين تائين پهچندي انشاءَ الله.