تازه ترين

وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بحرين روانو ٿي ويو

- Advertisement -
وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بحرين روانو ٿي ويو. پرڏيهي آفيس ترجمان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ هڪ اعليٰ سطحي وفد به بحرين جو دورو ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير ۽ ٻيا عملدار ۽ آفيسر شامل آهن. دوري دوران وزيراعظم بحرين جي بادشاهه حمد بن عيسيٰ الخليفا، ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده سلمان بن حمد الخليفا ۽ بحرين جي نائب وزيراعظم شيخ خالد بن عبدالله الخليفا سان اعليٰ سطحي ملاقاتون ڪندو. وزيراعظم جو سرڪاري دورو بحرين سان پاڪستان جي ڊگهي عرصي کان هلندڙ خوشگوار لاڳاپن کي اجاڳر ڪري ٿو، جنهن جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نتيجو ڏيندڙ ۽ اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي هٿي وٺرائڻ آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته وزيراعظم جو دورو ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ پراڻي لاڳاپن جي تجديد ۽ وڌيڪ مضبوطي جو عڪاس آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12.6 ° C
12.6 °
12.6 °
13 %
3kmh
0 %
خميس
10 °
جمعو
14 °
ڇنڇر
15 °
آچر
16 °
سُومر
15 °

تازه ترين خبرون