تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

وفاقي سرڪار ڪي پي نامزد وڏي وزير سهيل آفريدي کي دهشتگردن جو مددگار قرار ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
وفاقي سرڪار ڪي پي نامزد وڏي وزير سهيل آفريدي کي دهشتگردن جو مددگار قرار ڏئي ڇڏيو، سڌ سماءِ واري وفاقي وزير عطا تارڙ جو چوڻ آهي ته سهيل آفريديءَ کي دهشتگردن جي مدد لاءِ آندو ويو آهي، جيل ۾ ويٺل شخص جي حڪومت دهشتگردن جي مددگار آهي، ڏڦيڙي عنصرن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو، هر ميدان ۾ شڪست پاڪستان جي دشمنن ۽ سندن مددگارن  جو مقدر آهي. اسلام آباد ۾  اختيار ولي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءِ واري وفاقي وزير عطا  تارڙ چيو ته لنڊن جي عدالت جو فيصلو پي ٽي آءِ جي شڪست آهي، ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪندڙ عنصرن کي برداشت نه ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته ڏڦيڙي عنصرن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو، هر ميدان ۾ شڪست پاڪستان جي دشمنن ۽ سندن مددگارن  جو مقدر آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو ٽولو دهشتگردن جو مددگار آهي، سهيل آفريديءَ کي دهشتگردن جي مدد ڪرڻ لاءِ آندو ويو آهي. سڌ سماءِ واري وفاقي وزير چيو ته جيل ۾ ويٺل شخص دهشتگردن جو چيف اسپانسر آهي ۽ دهشتگردن کي ان وٽان مدد ملندي آهي، ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪندڙ عنصرن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. عطا تارڙ چيو ته جيل ۾ ويٺل شخص جي دور ۾ دهشتگردن کي واپس آندو ويو، ڪي پي جي سياست به ان جي ئي چوڌاري گهمي ٿي. سڌ سماءِ واري وفاقي وزير چيو ته هٿين خالي شهرين کي نشانو بڻائيندڙ ڪنهن به رعايت جا حقدار ناهن، پاڪستان جي سڪيورٽي پاليسي اسلام آباد  ۾ٺهندي آهي ۽ اتي کي ٺهندي رهندي، ملڪ جي پاليسي افغانستان ۾ نه ٺهندي. عطا تارڙ چيو ته رياستي ۽ قومي ادارن خلاف موقف ناڪام ٿي ويو، لنڊن ۾ عدالت جو فيصلو اهڙن عنصرن جي منهن تي چماٽ آهي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته شهيدن جا وارث ان عظيم رتبي تي فخر محسوس ڪندا آهن، قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي، وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل شهيدن جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي……………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
9 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
24.1 ° C
24.1 °
24.1 °
16 %
3kmh
0 %
اربع
25 °
خميس
26 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون