- Advertisement -
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته موسمياتي تبديلين سبب پيداواري صلاحيت متاثر ٿي رهي آهي، کين مارڊن فارمنگ طرف وڌڻو پوندو، جنهن لاءِ زراعت کاتو ڪم ڪري.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ مختلف کاتن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن ڄام خان شوري، محمد بخش مهر، صلاحڪار نجمي عالم، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته 2022ع ۾ ٿيل برساتن سبب صوبي جي زرعي معيشت کي نقصان پهچايو، 4 ڏهائي 4 ملين ايڪڙ ايراضي خراب ٿي جنهن کي بحال ڪرڻ لاءِ قدم کنيا.
هن چيو ته سنڌ جو زرعي شعبو 70 سيڪڙو آبادي کي روزگار فراهم ڪري ٿو، صوبي جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ زرعي شعبي کي جديد بڻائڻو پوندو.
وڏي وزير چيو ته موسمياتي تبديلين سبب پيداواري صلاحيت متاثر ٿي رهي آهي، کين مارڊن فارمنگ طرف وڌڻو پوندو، جنهن لاءِ زراعت کاتو ڪم ڪري.
سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ۾ چانور جي في ايڪڙ پيداوار 30 مڻ آهي ۽ پاڙيسري ملڪ ۾ 40 مڻ آهي، هڪ ته موسمياتي تبديلين جو مسئلو آهي، ٻيو وقت سر پاڻي جي کوٽ آڏو آهي، زراعت کاتو نون فصلن جي طريقيڪار تي پنهنجو سفارشون تيار ڪري.
وڏي وزير زراعت کاتي کي پنهنجي ريسرچ ونگ کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
سيد مراد علي شاهه لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري کي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته وٽرنري اسپتالن کي نون اوزارن جي ضرورت آهي ته کاتو انتظام ڪري.
هوڏانهن وڏي وزير سيد مراد علي ش اهه جي صدارت تي امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظام جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سردار شاهه ، سعيد غني، محمد بخش مهر، ڄام خان شوري ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جڏهن ته ڊويزنل ڪمشنر وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا.
وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ چوماسي جي برسات پهرين جولاءِ کان پندرهن سيپٽمبر تائين ٿيندي آهي، هن ڀيري معمول کان وڌيڪ برساتون پوڻ جو امڪان آهي.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ معمول موجب 133 ڏهائي 9 ملي ميٽر برسات ٿيندي آهي، موسمياتي تبديلين سبب هن وڌيڪ وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، آگسٽ ۾ جولاءِ کان وڌيڪ برسات ٿيندي.
وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته جي سپر ۽ ايس ايم بند جي مختلف هنڌن تي مضبوطيءَ جو ڪم جاري آهي.
سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته آبپاشي کاتو پنهنجو پلان سمورن لاڳاپيل ادارن سان شيئر ڪري.
وڏي وزير ميروخان وٽ آر بي او ڊي ون ۽ ٽو جا بند مضبوط ڪرڻ جي به هدايت ڪئي- Advertisement -
