- Advertisement -
وڏي وزير مراد علي شاهه جون 2027ع تائين گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل جو افتتاح ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پاليسي بورڊ جو اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ صوبائي وزير عذرا پيچوهو، ڄام خان شوري، علي حسن زرداري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته گهوٽڪي ڪنڌڪوٽ پل جي ڊيگهه ٽن مان وڌائي 12 ڏهائي 2 ڪلوميٽر ڪئي وئي آهي.
سندس چوڻ هو ته پل جي لاڳت ۾ اضافو ۽ ٽائيم لائن تبديل ڪئي وئي آهي، ڪچي جي علائقن ۾ اڏاوتي ڪم تيزي سان جاري آهن.
وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته موجوده لاڳت 32 ارب رپيا ۽ شيڊيول موجب پل جو ڪم مڪمل ٿيڻ جو وقت جون 2029ع آهي.
هن چيو ته حڪومت ڪنسيشن هولڊر کي محفوظ سڪيورٽي فراهم ڪندي ته جيئن ڪم بغير ڪنهن رنڊڪ جي جاري رهي.
سندس چوڻ هو ته ڪچي جي علائقن ۾ به تعميراتي ڪم تيزيءَ سان جاري آهي، منصوبن جي سيڪشنز ون ۽ ٽُ مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهن.
وڏي وزير مراد علي شاهه گهوٽڪي ڪنڌڪوٽ پل کي سنڌ جي معاشي ساهه واري رڳ قرار ڏئي ڇڏيو.
پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ بورڊ طرفان صحت کاتي جي اهم پروجيڪٽس جو جائزو ورتو ويو.
وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته بورڊ جديد طبي ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
بورڊ پروجيڪٽ ڪانسپٽ ۽ فزيبلٽي، ٽيڪنيڪل معاملن ۽ فنڊنگ جي منظوري ڏني.
- Advertisement -
