- Advertisement -
يوڪريني صدر ولاديمير زيلنسڪي جو روس سان جنگ جي خاتمي بابت امريڪي امن منصوبي تي رد عمل سامهون اچي ويو آهي.
يوڪريني صدر ولاديمير زيلنسڪي هڪ بيان ۾ واضع ڪيو ته هو صدر ٽرمپ جي امن منصوبي سان اڳتي وڌڻ لاءِ تيار آهي.
يوڪريني صدر موجب، ٽرمپ جي امن منصوبي تي ڪجهه اختلافي نڪتي تي هو امريڪا ۽ يورپي اتحادين سان ڳالهائيندو.
زيلنڪسي جووڌيڪ چوڻ هو ته يورپ کي هن وقت يوڪرين جي حمايت جاري رکڻ گھڙجي جيستائين ماسڪو جنگ ختم ڪرڻ جي ڪا حقيقي خواهش ظاهر نٿو ڪري.
ٻئي پاسي برطانوي خابرو ايجنسي جو چوڻ آهي ته صدر زيلنسڪي يورپي اڳواڻن تي زور ڀريو آهي ته هو يوڪرين ۾ ري اشورنس فورس مقرر ڪرڻ لاءِ هڪ واضع فريم ورڪ تيار ڪن.
واضع رهي ته امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ يوڪرين کي امن ماعهدي قبول ڪرڻ لا3 27 نومبر جي ڊيڊلائين ڏني آهي.
روس به يوڪرين سان جنگ بندي لاءِ امريڪي امن مصنوبي جي حمايت ڪئي آهي.
صدر پيوٽن واضع ڪري چڪو آهي ته يوڪرين طرفان معاهدي کي رد ڪرڻ جي صورت ۾ وڌيڪ علائقن تي قبضو ڪري سگھن ٿا……..
- Advertisement -
