تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ٽريفڪ پوليس عملي خلاف شڪايت جي صورت ۾ ايس پي ۽ ڊي ايس پي خلاف به ڪارروائي ٿيندي: آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ

- Advertisement -
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ايندڙ ڇهن مهينن لاءِ ٽريفڪ سيڪشن آفيسرن ۽ رڪارڊ ڪيپرن جي مقررين ۽ بدلين تي پابندي لڳائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ٽريفڪ پوليس عملي خلاف شڪايت جي صورت ۾ ايس پي ۽ ڊي ايس پي خلاف به ڪارروائي ٿيندي، ڪجهه عنصرن جي غيرقانوني ۽ انفرادي عمل سبب پوري پوليس کاتي تي تنقيد ٿئي ٿي. ڪراچيءَ ۾ ٽريفڪ پوليس جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي خطاب ڪندي چيو ته  هو ايندڙ ڇهن مهينن تائين ٽريفڪ سيڪشن آفيسرن ۽ رڪارڊ ڪيپرن جي مقررين ۽ بدلين تي پابندي لڳائي وڃي. هن چيو ته هو ٽريفڪ پوليس اهلڪارن کي سخت گرمي ۾ عوام جي خدمت ۽ سٺا ڪم ڪرڻ تي سلام پيش ڪري ٿو. سندس چوڻ هو ته ٽريفڪ ايس اوز ۽ رڪارڊ ڪيپرن خلاف شڪايت تي ايس پي ۽ ڊي ايس پي خلاف کاتيوار ڪارروائي ڪئي ويندي. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته  ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ايس پيز ۽ ڊي ايس پيز ٽريفڪ جي تجويز تي ايس اوز ۽ رڪارڊ ڪيپرن جي بدلي ۽ مقرري جي اجازت ڏيندو. سندس چوڻ هو ته چالان ڪرڻ جو اختيار صرف ٽريفڪ آفيسر کي هوندو، اوور اسپيڊنگ، ٽريفڪ لائٽ سگنلز ۽ رونگ وي جي ڀڃڪڙين تي چالان ڏيڻ جو اختيار ايس او ٽريفڪ کي هوندو، ڪنهن به  ڪانسٽيبل کي چالان ڪرڻ جو اختيار ڪنهن به صورت ۾ نه ڏنو ويندو. آءِ جي سنڌ چيو ته عوام سخت گرميءَ ۾ روڊن تي بيهڻ نٿو چاهي، وڏي ٽريفڪ مهم دوران ايس پي ۽ ڊي ايس پي موقعي تي موجود رهي مهم کي ليڊ ڪن. هن چيو ته پوليس ملازمن جي بهتري لاءِ 10 لک رپين تائين هيلٿ پاليسي متعارف ڪرائي پئي وڃي، ٿاڻن کي سڌي ريت بجيٽ ڏني پئي وڃي جيئن ٿاڻا مالي طور خودمختيار ٿي سگهن. ان موقعي تي ڪراچي پوليس چيف، وقتي ڊي آءِ جي ٽريفڪ ۽ ايس ايس پي آر آر ايف نيول بيس به خطاب ڪيو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
7 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
broken clouds
16.3 ° C
16.3 °
16.3 °
46 %
3.7kmh
75 %
اڱارو
18 °
اربع
19 °
خميس
19 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
13 °

تازه ترين خبرون