- Advertisement -
ٽنڊي الهيار جي واپارين ۽ ضلعي انتظاميا ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي، مختلف جماعتن طرفان واپارين جي 18 مارچ واري هڙتال جي حمايت ڪري ڇڏي.
جماعت اسلامي، سنڌ ترقي پسند پارٽي، پي ٽي آءِ سني تحريڪ سميت ٻين جماعتن طرفان واپارين جي هڙتال جو اعلان ڪيو ويو.
مختلف مذھبي ۽ سياسي جماعتن جي حمايت جي اعلان کانپوءِ واپارين جي پوزيشن مضبوط ٿي وئي .
ان موقعي تي انجمن تاجران جي صدر وقار ميمڻ جو چوڻ هو ته سمورين سياسي ۽ سماجي پارٽين جي حمايت ساڻن گڏ آهي.
مختلف سياسي جماعتن جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته واپاري ملڪ جي ڪرنگھي جي ھڏي جي حيثيت رکن هو واپاري برادري سان ٿيندڙ ناجائزين جي مذمت ڪن ٿا ۽ هر پليٽ فارم تي ساڻن گڏ آهن.- Advertisement -
