تازه ترين

ٽه ملڪي سيريز جي ميچ ۾ پاڪستان زمبابوي کي 69 رنسن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي وي

- Advertisement -
ٽه ملڪي سيريز جي ميچ ۾ پاڪستان زمبابوي کي 69 رنسن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي ويو. ٽي ملڪي سيريز جي چوٿين ميچ ۾ راولپنڊي ۾ پاڪستان ۽ زمبابوي آمهون سامهون ٿيا، جنهن ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 195 رنسون ٺاهيون، بابر اعظم 74، فاحبزاده فرحان 63 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته فخر زمان 27 رنسون ٺاهيون. زمبابوي طرفان سڪندر رضا 2، ايوانس ۽ نگاراوا هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ زمبابوي جي ٽيم 19 اوورن ۾ 126 رنسن تي ڍير ٿي وئي، ريان برل 67 ۽ سڪندر رضا 23 رنسن سان اڳڀرا رهيا. پاڪستان طرفان عثمان طارق 4، محمد نواز 2، نسيم شاهه، وسيم جونيئر ۽ فهيم اشرف هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي. واضح رهي ته پاڪستان ٽيم ٽئي ميچون کٽي سيريز جي فائنل ۾ پهچي وئي آهي، جڏهن ته زمبابوي ۽ سريلنڪا مان هڪ ٽيم فائنل ۾ پاڪستان سان مهاڏو اٽڪائيندي……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
6.6 ° C
6.6 °
6.6 °
20 %
0.3kmh
0 %
اڱارو
6 °
اربع
15 °
خميس
14 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
16 °

تازه ترين خبرون