- Advertisement -
ٽه ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز جو فائنل اڄ پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو.
ٽه ملڪي سيريز ۾ پاڪستان ٽيم 4 مان ٽي ميچ کٽي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو جڏهن ته سريلنڪا ٻه ميچ کٽڻ کانپوءِ فائنل ۾ جاءِ ٺاهي.
سريلنڪن ٽيم پهريان زمبابوي ۽ آخري ميچ ۾ پاڪستان کي شڪست ڏني هئي.
جمعي ڏينهن ڪپتان سلمان علي آغا ۽ سريلنڪن ڪپتان داسن شناڪا مقامي هوٽل ۾ ٽرافي سان گڏ تصويرون ٺهرايون.
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ فائنل جو ٽاڪرو اڄ راولپنڊي ۾ ٿيندو، ميچ شام ڇهين وڳي شروع ٿيندي……
- Advertisement -
