- Advertisement -
ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ هڪ ميچ ۾ پهريون ڀيرو 3 سپر اوور ڪرائڻ جو رڪارڊ قائم ٿي ويو.
ڀارت جي مهاراجا ٽرافي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ميچ ۾ انوکو رڪارڊ قائم ٿي ويو، جتي ميچ جو فيصلو هڪ بدران 3 سپر اوورن تي ڪرڻو پيو.
بئنگلورو بلاسٽر ۽ هبلي ٽائيگرز وچ ۾ ميچ مقرر اوورن ۾ برابر ٿي وئي، هبلي ٽائيگرز جي 164 رنسن جي هدف پٺيان بئنگلورو بلاسٽرز به 164 رنسون ٺاهي سگهي.
پهرين ٻن سپر اوورن تائين ميچ جو فيصلو نه ٿي سگهيو ته ٽيون سپر اوور ڪرائڻو پيو، پهرين سپر اوور ۾ ٻئي ٽيمون 10-10 رنسون ٺاهي سگهيون، ٻئي سپر اوور ۾ هبلي ٽائيگرز 7 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ بئنگلورو به 7 رنسون ئي ٺاهي سگهي.
ٽئين سپر اوور ۾ بئنگلورو طرفان 12 رنسن جي جواب ۾ هبلي ٽائيگرز آخري بال تي هدف پورو ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي.
ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ هڪ ميچ ۾ پهريون ڀيرو 3 سپر اوور ڪرائڻ جو اهڙو رڪارڊ قائم ٿيو آهي…..- Advertisement -
