تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پاڪستان آمريڪا جي خلاف پنهنجي ورلڊ ڪپ مهم جي شروعات

- Advertisement -
آءِ سي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2024 جا سنسني خيز مقابلا جاري آهن، جتي اڄ پاڪستان آمريڪا جي خلاف پنهنجي ورلڊ ڪپ مهم جي شروعات ڪندو، ميزبان يو ايس اي جي بنگلاديش کي سيريز ۾ شڪست ڏيڻ ۽ ورلڊ ڪپ جي پهرين ميچ ۾ ڪينيڊا کي هارائڻ کانپوءِ ڪرڪيٽ جي شوقينن آمريڪا جي ٽيم مان وڌيڪ اميدون لڳائڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن، ٻئي پاسي قومي ٽيم ورلڊ ڪپ ۾ اچڻ کان پهريان بابراعظم جي ڪپتاني ۾ انگلينڊ خلاف 0_2 تان سيريز هارائي پهتي آهي، جڏهن ته شاهين شاھه آفريدي کان ڪپتاني واپس وٺي ٻيهر بابراعظم کي ڪپتاني ڏيڻ ۽ شاهين شاھه پاران وائيس ڪپتاني جي آڇ ٺڪرائڻ کانپوءِ قومي ٽيم ۾ گروپبندي جي بوءِ اچي رهي آهي جيڪا پاڪستان ٽيم لاءِ نقصاندھه ثابت ٿي سگي ٿي. ان کان علاوه پاڪستاني ٽيم جي ٽاپ آرڊر ۾ مسلسل تبديلين سبب قومي ٽيم مونجھاري جو شڪار پڻ آهي، پر هن قت اهي سڀ ڳالهيون وساري پاڪستان ٽيم کي آمريڪا خلاف ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي پهرين ميچ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، اهو ان لاءِ به ضروري آهي ڇو جو دنياءِ ڪرڪيٽ صرف ۽ صرف پاڪستان ۽ روايتي حريف ڀارت جي ميچ جون ڳالهيون ڪري رهي آهي، پر پاڪستاني ٽيم کي هن وقت گھرجي ته پنهنجي پوري توانائي صرف آمريڪا جي ميچ تي ئي لڳائي. قومي ٽيم کي اها ڳالھ ضرور ذهن ۾ هوندي ته آمريڪا جي ٽيم پهريان ئي ايرون جونز جي 94 رنسن جي مدد سان ڪينيڊا خلاف 7 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪري دنياءِ ڪرڪيٽ ۾ پنهنجي انٽري جو دُهل وڄائي ڇڏيو آهي. هوم ڪرائوڊ جي سپورٽ ۽ پهرين ميچ جي ڪاميابي کانپوءِ آمريڪن ٽيم جو اعتماد ڪافي وڌي چُڪو هوندو، ان لاءِ بس پاڪستان کي گھرجي ته آمريڪا جي بيٽرز غوث ۽ جونز کي پنهنجي پيس اٽيڪ سان جلدي گھر ڀيڙو ڪري، اها ڳالھ آمريڪا جي بيٽرز جي ذهنن ۾ به هوندي ته ڪينيڊا ۽ پاڪستان جي بالرن ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي، پاڪستان وٽ دنيا جا تيز ترين ۽ تجربيڪار فاسٽ بالر موجود آهن، پاڪستاني ٽيم کي بار بار اها ڳالھه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ڀارت جي ميچ کان پهريان هنن کي آمريڪا خلاف بهترين طريقي سان ميچ کٽڻو آهي ته جيئن ڀارت خلاف 9 تاريخ تي وڌيڪ ڪانفيڊنس سان ميدان ۾ لهي سگھن. بابراعظم جي ڪپتاني به ڏسڻ وٽان هوندي جنهن جي ڪپتاني تي تجزئي نگارن ۽ اڳوڻن ڪرڪيٽرن کي ڪافي خدشا آهن، ٽيم ۾ گروپبندي، رنجشن ۽ دوستي ياري جي الزامن کي وساري اسڪپر بابراعظم کي پاڻ مڃرائڻو پوندو، ٻئي پاسي آمريڪا پنهنجي مومينٽم کي برقرار رکڻ چاهيندي جتي هنن جي ڪپتان جو بيان پڻ سڀني جي سامهون آهي ته هو ماڊرن ڊي ڪرڪيٽ کي کيڏندا، چاهي سامهون پاڪستان هجي يا ڀارت. آمريڪن ٽيم ضرور چاهيندي ته پاڪستان ٽيم خلاف اٽيڪنگ ڪرڪيٽ کيڏي قومي ٽيم جي ڪيمپ ۾ خلبلي مچائجي، ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ ڪا به اڳڪٿي نٿي ڪري سگھجي ۽ هر وقت ڪنهن اپسيٽ ۽ دلچسپ لمحن لاءِ تيار رهڻ گھرجي، پاڪستان جي ٽيم ۾ گروپبندي ۽ رانديگرن وچ ۾ ڪنهن به اختلافن کي سائيڊ نٿو ڪري سگھجي ۽ آمريڪا خلاف ڪانٽيدار مقابلي جي توقع ڪري سگھجي ٿي، هن ميچ جو نتيجو ته رڳو ٻنهي ٽيمن کي 2 پوائنٽس ڏيندو پر ورلڊ ڪپ ۾ اڳتي وڃڻ لاءِ ٽون پڻ سيٽ ڪندو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
21.3 ° C
21.3 °
21.3 °
26 %
0.9kmh
74 %
اڱارو
21 °
اربع
26 °
خميس
26 °
جمعو
25 °
ڇنڇر
24 °

تازه ترين خبرون