- Advertisement -
پاڪستان سعودي عرب ۾ افغانستان سان ڳالهين بابت افواهن کي رد ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندربي چيو آهي ته سعودي عرب ۾ پاڪ-افغان ڳالهين بابت ميڊيا رپورٽون ڏٺيون، انهن ڳالهين بابت کين ڪابه ڄاڻ ناهي.
پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان ترڪ صدر جي ٽياڪڙي جي آڇ جي آجيان ڪري ٿو، پاڪستان ترڪ ٽياڪڙ وفد جي آجيان ڪندو ۽ پاڪستان ڳالهين لاءِ به تيار آهي،
سندس چوڻ هو ته ترڪي وفد جي اڃا تائين دورو نه ڪرڻ جو سبب پاڪستان جو سهڪار نه ڪرڻ نه آهي.
هن چيو ته اسان موجوده صورتحال جي ڪري افغانستان سان سرحدون بند ڪيون آهن ۽ افغانستان هاڻي پنهنجي پاسي جون سرحدون بند ڪري ڇڏيون آهن.
سندس چوڻ هو ته ان حوالي سان صرف اهي ئي جواب ڏئي سگهن ٿا، اسان هن وقت امدادي ڪمن لاءِ سرحدون کوليون آهن.
هن چيو ته ڪرغزستان جي صدر پاڪستان جو دورو ڪيو، ڪرغز صدر ۽ وزيراعظم وفدن جي سطح تي ملاقاتون ڪيون.
سندس چوڻ هو ته ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ٻنهي ملڪن 2027-28 تائين واپاري حجم کي 200 ملين ڊالر تائين وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.
ڪرغز صدر جي دوري دوران 15 مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون، ڪرغز صدر ڪاروباري فورم کي خطاب ڪيو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ هو ته اسحاق ڊار ڪرغزستان جي پرڏيهي وزير ۽ صدر سان ملاقاتون ڪيون، مصر جي پرڏيهي وزير پاڪستان جو دورو ڪيو، اسحاق ڊار اسلام آباد ڪانڪليو جو افتتاح ڪيو.
- Advertisement -
