تازه ترين
اسرائيل جو جنگي جنون ختم نه ٿيو، اسرائيلي ڪابينا بجيٽ 2026ع ۾ فوج لاءِ 35 بلين ڊالر جي وڏي رقم رکي ڪ... اسرائيلي فوج طرفان غزه ۾ بمباري جو سلسلو جاري آهي، والاريل اولهه ڪناري ۾ هڪ فلسطيني کي شهيد فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي فيفا امن ايوارڊ سان نوازي ڇڏيو ڪراچي جي علائقي گذري ۾ گھريلو تڪرار تان جوابدار ڇرين جا وار ڪري پنهنجي زال ۽ ڌيءَ کي قتل 1971ع جي جنگ ۾ وطن جي دفاع لاءِ جان جو نذرانو ڏيندڙ ميجر محمد شبير شريف شهيد جو اڄ 54 هون شهادت جو ڏ... آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ بغير نمبر پليٽ گاڏين ۽ بغير لائسنس گاڏين خلاف ڪاررواين جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو پاڪستان سعودي عرب ۾ افغانستان سان ڳالهين بابت افواهن کي رد ڪري ڇڏيو جمهوريت هميشه ڳالهين سان اڳتي وڌندي آهي، ڊيڊلاڪ ان کي ڪمزور ڪندو آهي : راڻا ثناءُ الله نوٽيفڪيشن بابت واويلا ڪندڙن کي قوم کان معافي وٺڻ گهرجي: عطا تارڙ وڏي وزير مراد علي شاهه جون 2027ع تائين گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل جو افتتاح ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

پاڪستان هڪ آزاد ملڪ آهي، ڪنهن ملڪ جي قرضن جي ڄار ۾ نه ڦاسڻ گهرجي : نيٽلي بيڪر

- Advertisement -
پاڪستان ۾ آمريڪي سفارتخاني جي انچارج نيٽلي بيڪر چيو آهي ته پاڪستان هڪ آزاد ملڪ آهي، ڪنهن ملڪ جي قرضن جي ڄار ۾ نه ڦاسڻ گهرجي، پاڪستان کي پنهنجي خانگائڻ جي پروگرام تي عمل ڪرڻ گهرجي. ايوان صدر ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهيون ڪندي نيٽلي بيڪر چيو ته آءِ ايم ايف جي سڌارن جي پروگرام تي عمل سان ئي پاڪستان جي اقتصادي حڪمت عملي ڪامياب ٿيندي. سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ اهڙا معاشي سڌارا چاهي ٿي جيڪي بهتر ۽ جٽادار معيشيت جو سبب بڻجڻ، ورلڊ بينڪ به پاڪستان سان هاڪاري انداز ۾ سهڪار ڪري رهي آهي. پاڪستان ۾ آمريڪي سفارتخاني جي انچارج چيو ته پاڪستان سان آمريڪا جو اڳ اقتصادي ميدان ۾ سهڪار تمام سٺو هلي رهيو آهي، پاڪستا جي خودمختاري آمريڪا لاءِ اهم آهي ۽ آمريڪا وڏي دل سان پاڪستان جي مدد ڪري رهيو آهي. پاڪستان جي چيف سان ويجهن لاڳاپن بابت سوال جي جواب ۾ نيٽلي بيڪر چيو ته پاڪستان هڪ آزاد ۽ خودمختار ملڪ آهي، جيڪو دنيا جي ڪنهن به ملڪ سان لاڳاپا رکي سگهي ٿو پر کيس پنهنجي معاشي خودمختاري ۽ مفادن جو محتاط انداز ۾ تحفظ ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ڪوبه اهڙو منصوبو جيڪو ڪنهن به ملڪ لاءِ قرض جي ڄار جو سبب بڻجي سڄي دنيا لاءِ ڳڻتي جو سبب آهي. پاڪستان ۾ آمريڪي سفارتخاني جي انچارج چيو ته واشنگٽن کي پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن جي حساس نوعيت بابت مڪمل ڄاڻ آهي. نيٽلي بيڪر چيو ته صدر ٽرمپ کي جيئن کي پنهنجي مصروف عالمي ذميوارين مان واندڪائي ملندي هو پاڪستان جو دورو ڪندو، اهو دور جلد ٿيڻ جو امڪان آهي. سندس چوڻ هو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ امن جو داعي آهي ۽ پاڪستان سندس نالي کي نوبل انعام لاءَ درست تجويز ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
9 ° C
9 °
9 °
23 %
2.7kmh
95 %
آچر
17 °
سُومر
16 °
اڱارو
18 °
اربع
18 °
خميس
20 °

تازه ترين خبرون