تازه ترين
اسرائيل جو جنگي جنون ختم نه ٿيو، اسرائيلي ڪابينا بجيٽ 2026ع ۾ فوج لاءِ 35 بلين ڊالر جي وڏي رقم رکي ڪ... اسرائيلي فوج طرفان غزه ۾ بمباري جو سلسلو جاري آهي، والاريل اولهه ڪناري ۾ هڪ فلسطيني کي شهيد فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي فيفا امن ايوارڊ سان نوازي ڇڏيو ڪراچي جي علائقي گذري ۾ گھريلو تڪرار تان جوابدار ڇرين جا وار ڪري پنهنجي زال ۽ ڌيءَ کي قتل 1971ع جي جنگ ۾ وطن جي دفاع لاءِ جان جو نذرانو ڏيندڙ ميجر محمد شبير شريف شهيد جو اڄ 54 هون شهادت جو ڏ... آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ بغير نمبر پليٽ گاڏين ۽ بغير لائسنس گاڏين خلاف ڪاررواين جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو پاڪستان سعودي عرب ۾ افغانستان سان ڳالهين بابت افواهن کي رد ڪري ڇڏيو جمهوريت هميشه ڳالهين سان اڳتي وڌندي آهي، ڊيڊلاڪ ان کي ڪمزور ڪندو آهي : راڻا ثناءُ الله نوٽيفڪيشن بابت واويلا ڪندڙن کي قوم کان معافي وٺڻ گهرجي: عطا تارڙ وڏي وزير مراد علي شاهه جون 2027ع تائين گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل جو افتتاح ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

پاڪستان ٽئين ون ڊي ميچ ۾ افغانستان کي 59 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز وائٽ واش ڪري ڇڏي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پاڪستان ٽئين ون ڊي ميچ ۾ افغانستان کي 59 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز وائٽ واش ڪري ڇڏي، ان ڪاميابيءَ سان پاڪستان آءِ سي سي وي ڊي رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن تي اچي ويو آهي.

ڪولمبو ۾ کيڏيل ٽن ميچ تي ٻڌل ون ڊي سيريز جي آخري ميچ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان  ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ٽيم مقرر اوورن ۾ اٺن وڪيٽن جي نقصان تي 268 رنسون ٺاهيون.

پاڪستان طرفان محمد رضوان 67،  بابر اعظم 60، آغا سلمان 38 ۽ محمد نواز 30 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.

افغان ٽيم طرفان فريد احمد ۽ گلبدين نائب 2-2، فاروقي، مجيب الرحمان ۽ راشد خان هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

پاڪستان طرفان مليل 269 رنسن جي جواب ۾ افغان ٽيم  48 ڏهائي 4 اوورن ۾ 209 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، ائين پاڪستان 59 رنسن تان ميچ پنهنجي نالي ڪئي.

افغان ٽيم طرفان مجيب الرحمان شاندار راند جو مظاهرو ڪندي پنجن ڇڪن ۽ پنجن چوڪن مدد سان  37 بالن تي 64 رنسن جي تيز رفتار اننگز کيڏي، ٻين رانديگرن ۾ رياض حسن 34، شاهد الله 37 رنسون ٺاهي ناميان رهيا.

پاڪستان طرفان شاداب خان 3، فهيم اشرف، شاهين شاهه ۽ محمد نواز 2-2، جڏهن ته آغا سلمان هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

افغانستان خلاف ون ڊي سيريز وائٽ واش ڪرڻ سان پاڪستاني ٽيم هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا جي پهريون نمبر ٽيم بڻجي وئي آهي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
9 ° C
9 °
9 °
23 %
2.7kmh
95 %
آچر
17 °
سُومر
16 °
اڱارو
18 °
اربع
18 °
خميس
20 °

تازه ترين خبرون