ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان ۽ يو اي اِي وچ ۾ اڄ ميچ ٿيندي يا نه؟، ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل اڄ ٿيندڙ پاڪستان ۽ يو اي اِي جي ميچ جو بينر پوسٽ ڪري ڊليٽ ڪري ڇڏيو آهي.
اي سي سي پهريان پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن وچ ۾ اڄ ٿيندڙ ميچ جي پوسٽ پنهنجي سوشل ميڊيا پيجز تي لڳائي جنهن جي ڪجهه دير بعد ئي پوسٽ کي ڊليٽ ڪري ڇڏيو.
پهريان ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل اعلان ڪيو هو ته پاڪستان ۽ يو اي اِي ۾ اڄ اهم ميچ ٿيندي، جيڪا ٽيم ڪامياب ٿيندي اها ايندڙ مرحلي ۾ پهچندي ۽ هارائڻ واري ٽيم ايونٽ کان ٻاهر ٿي ويندي.
ايشيا ڪپ ۾ ميچ ريفري اينڊي پائي ڪرافٽ جو تڪرار شدت اختيار ڪري ورتو، پاڪستان جي سخت موقف کانپوءِ آءِ سي سي وٽ تڪراري ميچ ريفري کي هٽائڻ کانسواءِ ڪو ٻيو رستو ناهي.
ذريعن موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي کي ميچ ريفري تبديل ڪرڻ جو مطالبو تسليم نه ڪرڻ تي هڪ ٻيو خط ڪري ڇڏيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابي خط ۾ به پي سي سي سخت موقف اختيار ڪيو ۽ ميچ ريفري خلاف سخت ايڪشن نه وٺڻ وارو فيصلو رد ڪيو.
ذريعن موجب، جوابي خط ۾ پاڪستان ميچ ريفري پائي ڪرافٽ جي نگراني ۾ ٿيندڙ ميچن ۾ کيڏڻ کان انڪار ڪيو ۽ مطالبو تسليم نه ٿيڻ جي صورت ۾ بائيڪاٽ جي موقف تي قائم رهڻ جو چيو.
ڀارتي هوڏ سبب ايشيا ڪپ هڪ ٻئي تڪرار جو شڪار ٿي ويو آهي.
ڀارتي ڪپتان پاران ايشيا ڪپ جي پڄاڻي تقريب ۾ چيئرمين اي سي سي کي نه گهرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
سوريا ڪمار جو چوڻ آهي ته هو فائنل کٽڻ تي محسن نقوي کان ٽرافي نه وٺندا………