- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ يو اَي اِي جا تاريخي ڀائپي وارا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، پاڪستان کي فخر آهي ته هو 1971ع ۾ گڏيل عرب امارتن کي تسليم ڪندڙ پهريون ملڪ هو.
گڏيل عرب امارتن جي قومي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ آصف علي زرداري چيو ته پاڪ، امارتن جا لاڳاپا گڏيل مذهب، اعتماد ۽ نسل در نسل رشتن تي قائم آهن.
سندس چوڻ هو ته چئن نسلن کان سندن خاندان جا يو اَي اِي سان خصوصي لاڳاپا آهن، بيگم نصرت ڀٽو آخري ڏينهن گڏيل عرب امارتن ۾ گزاريا.
صدر مملڪت چيو ته شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جلاوطني جا ڏکيا سال يو اَي اِي ۾ گزاريا، سندس نياڻي گڏيل عرب امارتن کي پنهنجي گهر بڻائي چڪي آهي.
آصف علي زرداري چيو ته اماراتي قيادت سان سندن پاراڻا لاڳاپا مثالي آهن، واپار، سيڙپڪاري ۽ دفاع ۾ سهڪار وڌيڪ وڌڻ جو يقين آهي.
هن چيو ته پاڪستان يو اَي اِي جي امن، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعاگو آهي.
- Advertisement -
