- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۾ جمهوريت، آئين ۽ اليڪشن کي هڪ شخص جي واپسيءَ لاءِ روڪيو ويو آهي، پاڪستان کي لنڊن ۾ ويهي نٿو هلائي سگهجي، ملڪ هلائڻ لاءِ ڏيهه اچي سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا، اليڪشن ڪميشن فوري طور چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري، سليڪشن جي سياست ملڪ کي وڏو نقصان پهچايو، مخالفت واري سياست ختم ڪري مفاهمت کي بحال ڪرايو ويندو، ڪجهه به ٿئي پر اليڪشن ڪرائي پارليامينٽ ۽ جمهوريت کي جڳهه ڏيڻي پوندي، سليڪشن جي سياست جمهوريت جو جنازو ڪڍي ڇڏيو، ڏوهه جنهن جو به آهي پر ان کي ڇڏي اڳتي وڌڻو پوندو، ملڪ کي نئين قيادت ۽ سوچ جي ضرورت آهي، پاڪستان جو اصل چهرو شهيد بينظير ڀٽو آهي، ملڪ جو عوام فلسطين جي عوام سان گڏ بيٺل آهي، سندن حمايت جاري رکي ويندي.
ڪراچي ۾ ڪار ساز سانحي جي شهيدن جي ياد ۽ فلسطينين سان ٻڌيءَ طور ڪوٺايل تعزيتي جلسي کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪارساز سانحي جي شهيدن جي ياد ۽ فلسطينين سان ٻڌيءَ طور جلسو ڪوٺايو ويو، هو دنيا کي ڏيکارڻ چاهن ٿا ته پاڪستان جو عوام فلسطين سان گڏ آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪجهه به ٿئي پر اليڪشن ڪرائڻي پوندي، عوام کي ئي ملڪ جي مستقبل بابت فيصلو ڪرڻ جو حق آهي، ملڪ کي آئين ۽ قانون موجب هلائڻو پوندو.
هن چيو ته هڪ شخص جي واپسيءَ لاءِ اليڪشن عمل رڪيل آهي، پاڪستان کي لنڊن ۾ ويهي نٿو هلائي سگهجي، ملڪ هلائڻ لاءِ ڏيهه اچڻو پوندو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪو ڳالهائي نه ڳالهائي پر هو ڳالهائيندو ۽ مطالبو ڪندو، فوري طور چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو وڃي، پ پ چونڊن لاءِ تيار آهي.
سندس چوڻ هو ته سليڪشن جي سياست ملڪ کي وڏو نقصان پهچايو، نفرت ۽ گارين جي سياست کي ڇڏڻو پوندو، جديد دور ۾ پاڪستان کي نئين سوچ، سياست ۽ قيادت جي ضرورت آهي.
هن چيو ته الزام واري سياست کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ملڪ بهتر نموني سان نه پيو هلي پر ڏوهه جنهن جو به پر هاڻي کين اڳتي وڌڻو پوندو.
پ پ چيئرمين چيو ته نه تنهنجو نه منهنجو، سڀني جو پاڪستان وارو نعرو هڻڻو پوندو، پاڻ ۾ وڙهڻ سان ملڪ ترقي نه ڪندو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قومي سلامتي تي سوديبازي ۽ ملڪي ادارن تي حملا ڪيا انهن کي سزا ملڻ گهرجي.- Advertisement -
