پاڪ فوج جون بهاولپور، علي پور ۽ لوڌران جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن.
پاڪ فوج ۽ سول انتظاميا ستلج درياهه جي ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشن ۾ رڌل آهي.
پاڪ فوج سميت سمورا لاڳاپيل ادارا ٻوڏ ڏينهن رات متاثرن جي مدد ۽ بحالي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن.
فلڊ رليف ڪيمپن ۾ پاڪ فوج پاران مفت طبي ڪئمپ قائم ڪيا ويا آهن جتي متاثرن کي علاج ۽ دوائون فراهم ڪيون پيون وڃن.
ان موقعي تي ڪمانڊر بهاولپور ڪور ٻوڏ متاثرن جي بحالي، طبي امداد ۽ جاري ريسڪيو آپريشن جو جائزو به ورتو.