تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پاڪ فوج وڌيڪ 48 ڊرون ڪرائي ڇڏيا

- Advertisement -
ڀارت طرفان جديد اسرائيلي ڊرون سان حملن جو سلسلو ٻئي ڏينهن به جاري آهي، جڏهن ته پاڪ فوج وڌيڪ 48 ڊرون ڪرائي ڇڏيا جنهن بعد ڪيرايل ڊرون جو انگ وڌي 77 ٿي ويو. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارت طرفان ڇڏيل 4 جديد اسرائيلي هيروپ ڊرون کي اوڪاڙه ڪينٽ جي علائقي ۾ آبادي کان ڪجهه فاصلي تي فصلن ۾ ڪيرايا ويا، ڪوبه جاني نقصان ناهي ٿيو. سڪيورٽي ذريعن موجب، پاڪ فوج طرفان هڪ ڊرون ئي وهاڙي ۽ هڪ کي پاڪپتن ۾ تباهه ڪيو ويو. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته اڄوڪي ڏينهن هن وقت تائين ڀارت جي 48 ڊرون کي ڪيرايو ويو آهي. سڪيورٽي ذريعن موجب، خميس کان هن وقت تائين دشمن جي 77 ڊرون کي تباهه ڪيو ويو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سمورن ڊرونز کي مسلسل ريڊار تي مانيٽر ڪيو پئي ويو، جڏهن به ڪو ڊرون ايندو آهي ته هو مسلسل ريڊار تي ڏٺو ويندو آهي، سندن ايئر ڊفينس سسٽم ۾ ايتري صلاحيت آهي ته هو ننڍي ڊرون کي به ٽريڪ ڪري وٺندو آهي، شهري علائقن ۽ ڪمرشل اڏامن جي موجودگي ۾ ڊرون کي ڪيرائڻ جو هڪ آپريشنل طريقيڪار آهي. دفاعي ماهرن موجب، پاڪستان جو دعافي نظام ۽ ايئر ڊفينس سسٽم دشمن جي حملن کي مسلسل ناڪام بڻائي رهيو آهي. خميس ڏينهن به ڀارت، پاڪستان ۾ اسرائيلي ڊرون سان حملن جي ڪوشش ڪئي هئي، جڏهن ته پاڪ فوج سوئفٽ ۽ هارڊ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي 29 هيروپ ڊرون کي ڪيرايو ويو هو…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
15.4 ° C
15.4 °
15.4 °
36 %
3.1kmh
100 %
خميس
22 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
22 °
آچر
21 °
سُومر
19 °

تازه ترين خبرون