تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پاڻي جي انتظام کي سائنسي بنيادن تي نئين سطح تي وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو:ڄام خان شورو

- Advertisement -
سنڌ جي آبپاشي ۽ منصوبابندي واري وزير ڄام خان شورو سان سنڌ فلڊ ايمرجنسي ريسپانس پروجيڪٽ ۽ ايڊوانسڊ انٽيگريٽيڊ ٽول جي ماهرن ملاقات ڪئي. وفد ۾ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر جاويد ميمڻ، سينيئر واٽر مينيجمينٽ اسپيشلسٽ زاهد شيخ، اي آءِ ٽي جو ٽيم ليڊر وليم وين ڊيرسن، ڊپٽي ٽيم ليڊر فرقان شيخ، سينيئر واٽر ريسورسز ايڪسپرٽ ڊاڪٽر احمد گل ۽ ٻيا ماهر شامل هئا. ملاقات دوران صوبي ۾ پاڻي جي بهتر انتظام لاءِ ڊسيزن سپورٽ سسٽم جي ڪارڪردگي ۽ موجوده صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ماهرن صوبائي وزير ڄام خان شورو کي سسٽم جون جديد خاصيتون، فيصلا سازي ۾ مددگار ٽيڪنالاجي ۽ ڊيٽا تجزيي جي طريقن بابت تفصيل سان آگاهي ڏني. ملاقات ۾ ٻوڏ جي حالتن دوران ڊيٽا مينيجمينٽ، حڪمت عملي جي تياري ۽ وقت تي فيصلا ڪرڻ ۾ هن سسٽم جي اهميت تي پڻ روشني وڌي وئي. صوبائي وزير کي سنڌو درياهه جي رائيٽ بئنڪ تي ٿيندڙ خاص اسٽڊيز ۽ ايس ايف اِي آر پي فیز 2 جي ايندڙ منصوبي بابت پڻ آگاهي ڏني وئي. ان موقعي تي ڄام خان شورو چيو ته جديد ڊجيٽل سسٽم ۽ عالمي ماهرن جي رهنمائي سان سنڌ ۾ پاڻي جي انتظام کي وڌيڪ فائديمند ۽ محفوظ بڻائي سگهجي ٿو. صوبائي وزير لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته سنڌ فلڊ ايمرجنسي ريسپانس پروجيڪٽ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ ريسپانس سسٽم کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ پيش ڪيل تجويزن تي جلد عمل ڪيو وڃي. ڄام خان شورو چيو ته هن جديد سسٽم جي مدد سان پاڻي جي انتظام کي سائنسي بنيادن تي نئين سطح تي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ٿو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
13.6 ° C
13.6 °
13.6 °
25 %
2.5kmh
96 %
اڱارو
23 °
اربع
25 °
خميس
26 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
24 °

تازه ترين خبرون