- Advertisement -
پهرين اپريل کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ڦيرڦار جو امڪان آهي، اوگرا ورڪنگ مڪمل ڪري سمري پيٽروليم واري وزارت کي اماڻي ڇڏي، قيمتن ۾ ڦيرڦار ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ هوندي، پيٽرول جي اگهه ۾ 10 کان 11 رپيا في ليٽر تائين واڌ جو امڪان ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 2 رپيا في لٽر تائين گهٽتائي جو امڪان آهي.
اوگرا ورڪنگ موجب، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ اضافي جو سبب عالمي قيمتن ۾ اضافو آهي، پيٽرول گهرائڻ جي اگهه ۾ لڳ ڀڳ 4 ڊالر في بيرل جو اضافو ٿيو آهي.
اوگرا ورڪنگ ۾ چيو ويو آهي ته ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جي حساب سان پيٽرول ۾ 10 کان 11 رپيا في لٽر اضافو بڻجي ٿو، پيٽرول جي موجوده قيمت لڳ ڀڳ 280 رپيا في لٽر آهي، امڪاني اضافي بعد پيٽرول جي قيمت 290 رپيا في لٽر ٿي ويندي.
اوگرا ورڪنگ موجب، عالمي مارڪيٽ ۾ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي آهي، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ هڪ رپيو 30 پيسا کان 2 رپيا 50 پيسا في لٽر گهٽتائي جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي……….- Advertisement -
