- Advertisement -
پيپلز پارٽي منظوري ۽ صحيح کانسواءِ آرڊيننس جاري ڪرڻ صدر آصف زرداري سان وڏو دوکو قرار ڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد ۾ چوڌري منظور احمد سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ اڳواڻ پلوشا خان چيو ته هڪ آرڊيننس صحيح کانسواءِ جاري ٿيو، صدر آصف علي زرداري سان وڏو دوکو ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته صدر جي نالي سان آرڊيننس جاري ٿيو ۽ ان کي خبر به ناهي، حڪومت طرفان چيو ويو ته اهو غلطي سان ٿي ويو.
پلوشه خان جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي اهو ئي مشورو ڏيندي ته مسلم ليگ ن کي هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي، پاڪستان اهڙيون غلطيون برداشت نٿو ڪري سگهي.
پ پ سينيٽر چيو ته جيڪو به اهڙيون غلطيون ڪري رهيو آهي ان کي پنهنجي صفن مان ٻاهر ڪڍو ۽ جعلي آرڊيننس جي فيڪٽري کي بند ڪيو وڃي.
سينيٽر پلوشا خان چيو ته حڪومت غلطي تسليم ڪري آرڊيننس واپس ورتو پر اهڙيون غلطيون حڪومتي اتحاد لاءِ نقصانڪار هونديون آهن.
هن چيو ته نيشنل شپنگ ڪارپوريشن کي خانگائڻ نه ڏيندا، سمجهه ۾ نٿو اچي ته هنن کي مشورا ڪير ڏئي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته ادارا خانگائڻ تي پيپلز پارٽي جو واضح موقف آهي، پيپلز پارٽي پنهنجو آواز بلند ڪندي ۽ حقيقتون قوم اڳيان آڻيندي.
پ پ سينيٽر پي ٽي آءِ جي ڪراچي ۾ پاور شو تي تبصرو ڪندي چيو ته باغ جناح تمام وڏو پارڪ آهي جنهن کي ڀرڻ پي ٽي آءِ لاءِ مشڪل هو، پي ٽي آءِ ان جي ڪري روڊ تي جلسو ڪيو.
پ پ اڳواڻ چوڌري منظور چيو ته پي آءِ اي کي وڪرو ڪري عوام سان فراڊ ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته بليو ايريا ۾ پي آءِ اي آفيس جي 20 ڪروڙ رپيا قيمت لڳائي وئي، ان مان اندازو لڳايو.
چوڌري منظور چيو ته پي آءِ اي کي هڪ سئو 35 ارب رپين ۾ وڪرو ڪيو ويو آهي، ان جي جائيداد ئي رڳو ٻه سئو ارب رپين جي آهي، اهڙيون شيونهو ڪنهن به صورت ۾ نه ڪرڻ ڏيندا.
هن چيو ته نواز شريف جي دور ۾ سموري دنيا مان ايئر لائنز کي گهرائي پي آءِ اي کي نقصان پهچايو ويو.
- Advertisement -
