- Advertisement -
پي آءِ اي اسلام آباد کان لنڊن تائين به اڏامون شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پي آءِ اي ترجمان موجب اسلام آباد کان لنڊن تائين هفتي ۾ چار اڏامون آپريٽ ڪيون وينديون.
ترجمان موجب لنڊن جون اڏامون هيٿرو ايئرپورٽ کان جديد ترين ٽرمينل چار کان آپريشن ٿيندي.
پي آءِ اي موجب لنڊن لاءِ پهرين اڏام 29 مارچ کان رواني ٿيندي.
ترجمان موجب پي آءِ اي جي لنڊن لاءِ اڏام ڇهن سالن جي ڊگهي وقفي کانپوءِ رواني ڪئي پئي وڃي، لنڊن پي آءِ اي جو سڀ کان پهريون عالمي ۽ نهايت پرڪشش روٽ آهي.
ترجمان موجب پي آءِ اي پهريون ئي مانچسٽر لاءِ هفتي ۾ ٽن اڏامن کي آپريٽ ڪري رهي آهي…………
- Advertisement -
