تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پي ٽي آءِ باني ملڪ جي ائٽمي طاقت خلاف استعمال ٿي رهيو آهي: شرجيل انعام ميمڻ

- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني ملڪ جي ائٽمي طاقت خلاف استعمال ٿي رهيو آهي،  پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ هر قسم جون ڪوششون ٿي رهيون آهن. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ ملڪ تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ  پرڏيهي لابيز کي ٽاسڪ ڏنو آهي، ريڊ لائن منصوبي جي دنيا جي ڪنهن به فرم کان آڊٽ ڪرائڻ لاءِ تيار آهن، سنڌ سرڪار طرفان ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبي ۾ ڪنهن به قسم جي دير نه ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته مخالفن کي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ کان روڪي نه ٿو سگهجي،  ٽرانسپورٽ سميت ٻيون سهولتون سنڌ سرڪار جي پهرين ترجيح آهي،  عوام کي صحت، پاڻي سميت ٻيون سهولتون ڏنيون وينديون. شرجيل انعام ميمڻ نئين سال جي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته نئون سال ضرور ملهايو پر اهڙو ڪم نه ڪيو جنهن سان ڪنهن کي تڪليف ٿئي. سندس چوڻ هو ته نئين سال جي موقعي تي هوائي فائرنگ کان پاسو ڪيو وڃي ته جاني نقصان کان بچي سگهجي. شرجيل ميمڻ چيو ته ريڊ لائين بي آر ٽي تي مختلف بيان اچي رهيا آهن، حڪومت ان تي ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي، اسان جي طرف کان ڪا به رڪاوٽ يا دير ناهي، پر ڪجهه مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، جن کي حل ڪيو پيو وڃي. سينيئر صوبائي وزير چيو ته هو اهو به نٿا چاهين ته سياسي قيدي جو ڪيس فوجي عدالت ۾ هلي، پي ٽي آءِ باني فوجي عدالتن جي حق ۾ بيان ڏئي چڪو آهي. هن چيو ته اڄ به پارا چنار صورتحال جي ذميوار پي ٽي آءِ جي نااهل حڪومت آهي، پي ٽي آءِ حڪومت دوران بنون جيل مان دهشتگردن کي آزاد ڪيو ويو. سينيئر صوبائي وزير چيو ته پي ٽي آءِ باني پاڪستان جو ورهاڱو چاهي ٿو، هنن پاڪستان تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ عالمي لابيز کي هائر ڪيو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي هڪ ٽيم ڳالهين ۽ ٻي ٽيم پاڪستان کي بدنام ڪري رهي آهي، جيڪڏهن ڪنهن فوجي تنصيبات تي حملو ٿيو ته ڪيس به فوجي عدالت ۾ ٻڌو ويندو. سندس چوڻ هو ته پارا چنار واقعي جي ذميوار پي ٽي آءِ حڪومت آهي، باني پي ٽي آءِ پاراچنار واقعي بابت ڪو به بيان ناهي ڏنو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته نگران حڪومت جي 9 مهينن ۾ هڪ به ترقياتي ڪم نه ٿيو، پ پ حڪومت ايندي ئي ڪم شروع ڪيا آهن…………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
8 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
broken clouds
16.3 ° C
16.3 °
16.3 °
46 %
3.7kmh
75 %
اڱارو
18 °
اربع
19 °
خميس
19 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
13 °

تازه ترين خبرون