تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پي ٽي آءِ جو وفاق تي ٽيون حملو ناڪام بڻايو ويو آهي: خواجه آصف

- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو وفاق تي ٽيون حملو ناڪام بڻايو ويو آهي، تحريڪ انصاف معيشيت تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار شهيد ٿيا آهن، بشريٰ بي بي ۽ علي امين گنڊاپور ڪارڪن کي ڇڏي ڀڄي ويا، وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي، يورپ ۾ پي آءِ اي اڏامن جي بحالي سٺو سنوڻ آهي، پي آءِ اي اڏامن جي بحالي لاءِ عوام کي سفر ۾ سولائي ٿيندي. سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته 24 نومبر تي تحريڪ انصاف جي ڌرڻي جو سڏ ڏنو، ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙ رنڊڪون پار ڪري اسلام آباد پهتا، جي ٽي روڊ تي جيڪو ڪجهه ٿيو عوام ڏٺو. سندس چوڻ هو ته احتجاج دوران رينجرز اهلڪار شهيد ٿيا، سوين پوليس وارا زخمي ٿيا، پهرين رڪاوٽ کي منهن ڏيڻو پيو ته بشريٰ بي بي ۽ علي امين گنڊاپور ڪارڪن کي ڇڏي ڀڄي ويا. بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته پي ٽي آءِ جو وفاق تي ٽيون حملو ناڪام بڻايو ويو آهي، تحريڪ انصاف معيشيت تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پي ٽي آءِ لاشن جي پروپيگنڊا ڪري رهي آهي، هر تحريڪ انصاف اڳواڻ پنهنجا نمبر ٻڌائي رهيو آهي. هن چيو ته علي امين گنڊاپور هزارين ماڻهن جي مارجڻ جي ڳالهه ڪئي، ڪنهن مارجي ويل جي وارثن جي وڊيو سامهون ناهي آئي، تحريڪ انصاف جي ڪي پي حڪومت مڪمل تياري سان وفاقي راڄڌاني اسلام آباد تي حملو ڪيو. بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي، يورپ ۾ پي آءِ اي اڏامن جي بحالي سٺو سنوڻ آهي، پي آءِ اي اڏامن جي بحالي لاءِ عوام کي سفر ۾ سولائي ٿيندي……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
12.8 ° C
12.8 °
12.8 °
28 %
2.8kmh
43 %
اڱارو
24 °
اربع
25 °
خميس
26 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °

تازه ترين خبرون