پي ٽي آءِ چيئرمين سائفر ڪيس ۾ فرد جرم جي ڪارروائي اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏي

spot_img
پي ٽي آءِ چيئرمين سائفر ڪيس ۾ فرد جرم جي ڪارروائي اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏي آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين سائفر ليڪ ڪيس ۾ وڪيل سلمان صفدر ۽ خالد يوسف ذريعي هڪ درخواست داخل ڪرائي. درخواست ۾ فرم جرم جي ڪارروائي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته قانون موجب ڪيس جون ڪاپيون ورهائڻ جي ستن ڏينهن بعد چارج فريم ڪري سگهجي ٿو، پر ٽرائل ڪورٽ ستن ڏينهن واري قانوني گهرج کي نظر ۾ نه رکيو. داخل ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو ته تڪڙ ۾ ٽرائل اڳتي وڌائڻ سان بنيادي آئيني حق متاثر ٿيندا، مرڪزي ثبوت سائفر ٽيلي گراهم جي عدم موجودگيءَ ۾ ٽرائل اڳتي نه ٿو وڌائي سگهجي. درخواست ۾ چيو ويو ته  تڪڙ ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو، 23 آڪٽوبر تي فرد جرم واري ڪارروائي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12.3 ° C
12.3 °
12.3 °
24%
1.2m/s
2%
اڱارو
14 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °

تازه ترين خبرون