- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته تحريڪ انصاف جو قومي ڌارا ۾ رهي سياست ڪرڻ جو ڪو موڊ ناهي، ڪراچي ۾ 9 مئي جهڙو واقعو ورجائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچايو ويو، سيڪيورٽي ۽ ميڊيا گاڏين تي حملو ڪيو ويو.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته ڪي پي جو وڏو وزير سنڌ آيو، اچڻ کان اڳ هن پروگرام ڏنو.
سندس چوڻ هو ته ڪي پي جي وڏي وزير جي اچڻ جي اطلاع تي سنڌ حڪومت ساڻس رابطو ڪيو، کيس سڪيورٽي ۽ سهولتون فراهم ڪيون ويون.
شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته ناصر شاهه پي ٽي آءِ اڳواڻن سان رابطو ڪري کانئن پروگرام ورتو، صوبائي وزير سعيد غني ڪي پي جي وڏي وزير جي آجيان ڪئي.
سينيئر صوبائي وزير جو چوڻ هو ته حيدرآباد ۾ به کيس مڪمل سڪيورٽي فراهم ڪئي وئي، جيڪو روڊ ڏنو ويو اتان کان هو ٻئي پل ڏانهن هليا ويا، سڄي ملڪ جي ٽريفڪ ان پل کان ويندي آهي.
هن جو چوڻ هو تهڪي پي جي وڏي وزير جي آمد کان اڳ سڪيورٽي خطرن بابت اطلاع مليو، پي ٽي آءِ کي خطرن بابت آگاهه ڪيو ويو هو.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سهيل آفريدي کي ڪجهه علائقن ڏانهن وڃڻ کان روڪيو پر اهو پوءِ به ويو، وڏي وزير سهيل آفريدي بلٽ پروف گاڏي نه کنئي جيڪا وٽس موجود به هئي.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچايو، سيڪيورٽي ۽ ميڊيا گاڏين تي حملو ڪيو ويو، اهي 9 مئي وارا واقعا ورجائڻ چاهين پيا.
شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته انهن سمورن عملن باوجود سنڌ حڪومت ڪو ڪيس داخل نه ڪيو نه ئي اهڙي ڪا اٻهرائپ ڪئي ، هڪ دفعو ٻيهر ڏڦيڙ ۽ نفرت واري سياست ڪئي وئي جيڪا ناقابل قبول آهي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا آهن.
سندس چوڻ هو ته تعليم، ثقافت ۽ سڪيورٽي منصوبن جي منظوري ڏني وئي آهي، حيدرآباد ۽ سکر موٽر وي لاءِ 10 ڏهائي 4 بلين سنڌ سرڪار ادا ڪيا.
هن جو چوڻ هو ته سنڌ سرڪار رقم ادا ڪري چڪي آهي پر هن وقت تائين ڪم شروع ناهي ٿيو.
شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته سنڌ ڪابينا اجلاس ۾ گورنر هائوس ۽ سي ايم هائوس ملازمن جي هيلٿ انشورنس جي منظوري ڏني وئي آهي.
سندس چوڻ هو ته سجاول ۽ شڪارپور ۾ روڊن جي تعمير جي منظوري ڏني وئي آهي ۽ سکر ۽ حيدرآباد ۾ چرچ جي تعمير جي پڻ منظوري ڏني وئي آهي.- Advertisement -
