تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پ پ ايم اين اي جي گهر مان ڌاڙي ۾ ڏوهارين جو وڏو ٽولو ملوث آهي: گهرو وزير

- Advertisement -
سنڌ جي گهرو ضياءَ الحسن لنجار چيو آهي ته پ پ ايم اين اي ذوالفقار بهڻ جي گهر مان ڌاڙي ۾ ڏوهارين جو وڏو ملوث آهي، ايم اين اي جي گهر مان ڌاڙو شرم ۽ افسوس جوڳي ڳالهه آهي، اغوا جا واقعا گهٽ ٿي ويا آهن، منشيات خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. ڪنڊياري ۾ وڪيلن جي آجياڻي کي خطاب ڪندي صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته آزاد ڪشمير جو وزيراعظم مڪمل طور ناڪام ٿي چڪو آهي، جلد آزاد ڪشمير اسيمبليءَ جا ميمبر پنهنجن ووٽن سان نئون وزيراعظم جي چونڊ ڪندا. هن چيو ته نوشھري فيروز ۽ موري تعلقن تان چونڊيل پ پ جي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر ذوالفقار علي بهن جي گهر تي ٿيل واردات ۾ ملوث ڏوهارين کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته ماضي جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي خاص طور تي سنڌ مان اغوا جا واقعا ختم ٿي چڪا آهن. ضياءَ الحسن لنجار چيو ته سنڌ حڪومت ڏوهن ۽ منشيات جي خاتمي ۽ شهرين جي تحفظ لاءِ مؤثر قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته ڪراچي پوليس جي حراست ۾ فوت ٿيل نوجوان جي معاملي تي جوڊيشل انڪوائري مقرر ڪئي وئي آهي ته جيئن انصاف يقيني بڻجي سگهي. نوشهري فيروز ۾ ڊسٽرڪٽ بار سيڪريٽري شوڪت ٻوهيو پاران لا ڪاليج ۾ صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو. آجياڻي ۾ سوين وڪيلن شرڪت ڪئي ۽ سنڌ بار جي اليڪشن ۾ حمايت جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ضياءَ الحسن لنجار چيو ته پ پ ايم اين اي ذوالفقار بهڻ جي گهر مان ڌاڙي ۾ ڏوهارين جو وڏو ملوث آهي، ايم اين اي جي گهر مان ڌاڙو شرم ۽ افسوس جوڳي ڳالهه آهي. سندس چوڻ هو ته اغوا جا واقعا گهٽ ٿي ويا آهن، منشيات خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. صوبائي گهرو وزير چيو ته سياسي ڀائيچارو هئڻ گهرجي پر ڏوهارين کي بخش نه ڪيو ويندو، نوشهري فيروز جي ماڻهن کي خبر آهي ته مخالفن اقتدار دوران غريب ماڻهن سان ڪهڙو رويو اختيار ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.8 ° C
20.8 °
20.8 °
20 %
0.7kmh
3 %
اربع
25 °
خميس
26 °
جمعو
25 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون