تازه ترين

پ پ سنڌ ۾ عالمي معيار جون سهولتون مفت فراهم ڪيون پيون وڃن : بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ پ سنڌ ۾ عالمي معيار جون سهولتون مفت فراهم ڪيون پيون وڃن، سنڌ سرڪار هر شعبي ۾ بهتري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، صحت جي شعبي جي بهتري تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي، صحت جون سهولتون هر شعبي جو بنيادي حق آهي، جناح اسپتال کي عالمي معيار جي اسپتال بڻايو ويو آهي. سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ ايندڙ حڪمت عملي بابت بلاول ڀٽو زرداري بريفنگ ڏيندي چيو ته سنڌ پاڪستان جو پهريون صوبو آهي جتي اليڪٽرڪ بسون متعارف ڪرايون ويون آهن. سندس چوڻ هو ته پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت 2008ع کان هن وقت تائين صوبي ۾ 24 هزار ڪلو ميٽر روڊن جو ڄار وڇايو آهي. پ پ چيئرمين چيو ته صحت جي سهولت شهرين جو بنيادي حق آهي، صحت جي شعبي جي بهتري تي خاص ڌيان آهي، صوبي ۾ عالمي معيار جي صحت جون سهولتون مفت ڏنيون پيون وڃن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ارڙهين ترميم کانپوءِ جناح اسپتال ڪراچي کي سندن حوالي ڪيو ويو، جي پي ايم سي ۾ بيڊن جو انگ 2 هزار 208 تائين پهچي چڪو آهي، جناح اسپتال کي عالمي معيار جي اسپتال بڻايو ويو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ پهريون ڀيرو ڪينسر جي علاج لاءِ سائبر نائف ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي وئي آهي، گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز اسپتال ۾ هن وقت تائين هڪ هزار 362 مفت ليور ٽرانسپلانٽ ڪيا ويا آهن. پ پ چيئرمين چيو ته ايس آءِ يو ٽي ۾ 2008ع کان 7 هزار 700 مريضن جو ڪڊني ٽرانسپلانٽ ڪيو ويو، مجموعي طور ايس آءِ يو ٽي ۾ 3 ڪروڙ 50 لک مريضن جو علاج ڪيو ويو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اين آءِ سي وي ڊي ۽ ايس آءِ سي وي ڊي ۾ دل جي مريضن جو مفر علاج ڪيو پيو وڃي، اين آءِ سي وي ڊي ۽ ايس آءِ سي وي ڊي تحت 11 اسپتالن سان گڏ 30 چيسٽ پين يونٽ به قائم ڪيا ويا آهن. سندس چوڻ هو ته اين آءِ سي وي ڊي ۾ مجموعي طور 29 لک مريضن جو مفت علاج ڪيو ويو. پ پ چيئرمين چيو ته پيپلزپارٽي جو فلسفو اٽو، لٽو ۽ اجهو آهي، 2008ع جي اليڪشن کانپوءِ سنڌ جي عوام پ پ قيادت تي اعتماد ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جڏهن 2008ع ۾ سنڌ حڪومت آئي ته کين ڪيترائي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پيو، پيپلزپارٽي سنڌ ۾ وڏي عوامي اڪثريت سان اقتدار ۾ آئي. هن چيو ته 2008ع تائين سنڌ ۾ رڳو 10 يونيورسٽيون هيون، هن وقت 30 يونيورسٽيون آهن، 2017ع ۾ گمبٽ ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪيو، سنڌ 2022ع ۾ تاريخي ٻوڏ کي منهن ڏنو، سنڌ ۾ غربت جي خاتمي جو پروگرام شروع ڪيو. پ پ چيئرمين چيو ته شاگردن لاءِ اسڪالر پروگرام شروع ڪيو، 2022ع جي ٻوڏ ۾ هزارين اسڪول متاثر ٿيا، سنڌ ۾ هڪ لک استادن کي ميرٽ تي ڀرتي ڪيو ويو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام وڏو سوشل سيفٽي نيٽ ورڪ آهي، سنڌ سرڪار هر شعبي ۾ بهتري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.2 ° C
8.2 °
8.2 °
29 %
2kmh
6 %
آچر
9 °
سُومر
12 °
اڱارو
12 °
اربع
11 °
خميس
10 °

تازه ترين خبرون