ڀارت جي اڳوڻي ڪرڪيٽر سنيل گواسڪر، آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي ۾ پاڪستان کي فيوريٽ قرار ڏئي ڇڏيو

spot_img
ڀارت جي اڳوڻي ڪرڪيٽر سنيل گواسڪر، آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي ۾ پاڪستان کي فيوريٽ قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته پاڪستان کي پنهنجي ميدانن تي کيڏڻ جو وڏن فائدو حاصل ٿيندو. هڪ انٽرويو دوران سنيل گواسڪر آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي ۾ پاڪستان کي فيوريٽ قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان کي پنهنجي ميدانن تي کيڏڻ جو وڏن فائدو حاصل ٿيندو. هن چيو ته هن ٽورنامينٽ لاءِ ميزبان ٽيم کي فيورٽ قرار ڏيڻ گهرجي ڇو ته ڪنهن به ٽيم کي سندس پنهنجي ملڪ ۾ هارائڻ مشڪل هوندو آهي. ڀارت جي اڳوڻي ڪرڪيٽر سنيل گواسڪر چيو ته 2023ع ۾ ڀارت ۾ ٿيل ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارتي ٽيم شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري هئي، فائنل ۾ ڀارت هارائي ويو پر هن پهريان ايونٽ ۾ مسلسل 10 ميچون کٽيون هيون. آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي 19 فيبروري کان پاڪستان ۾ شروع ٿي رهي آهي، جڏهن ته ڀارت پنهنجون سموريون ميچون يو اي اي ۾ کيڏندو.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12.3 ° C
12.3 °
12.3 °
24%
1.2m/s
2%
اڱارو
14 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °

تازه ترين خبرون